Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. سورت والضُّحٰی مڪي سورت آهي، يعني هيءَ مبارڪ سورت هجرت کان اڳ مڪي مڪرمه ۾ نازل ٿي. هن ۾ صرف هڪ رڪوع، 11 آيتون، 40 لفظ ۽ 172 حرف آهن.([1])

سورت والضُّحٰی جي هڪ خاصيت اها آهي ته هيءَ مڪمل سورت اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ساراهه تي مشتمل آهي   * هن مبارڪ سورت ۾ مصطفيٰ جي چهري جو ذڪر آهي * مصطفيٰ جي زلفن جو ذڪر آهي * مصطفيٰ جي محبوبيت جو ذڪر آهي * مصطفيٰ جي شفاعت جو ذڪر آهي * مصطفيٰ جي وصفن ۽ ڪمالات جو ذڪر آهي * هن سورت ۾ اها به ڳالهه ڪئي وئي آهي ته: 

خُدا کی رضا چاہتے ہیں دو عالَم                         خُدا چاہتا ہے رضائے مُحَمَّد(صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ([2])

* ۽ اسان غريبن لاءِ هڪ ٻي فائدي واري ڳالهه عرض ڪريان ته، هن سورت مبارڪ جي آخر ۾ ربِ ڪائنات پنهنجي محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ارشاد فرمايو آهي: 

وَ اَمَّا السَّآىٕلَ فَلَا تَنْهَرْؕ(۱۰)   (پارو:30، سورۀ الضحیٰ:10 )

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ڪنهن به صورت ۾ گُهرَڻ واري کي نه جِهڻڪِ.

 سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏي نه پياري ڳالهه آهي. عاشقِ ماهِه رسالت، اعليٰ حضرت   رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن آيت ڏانهن اشارو ڪندي لکن ٿا: 

مؤمن ہوں مؤمنوں پہ رؤوف و رحیم ہو        سائِل ہوں سائِلوں کو خوشی لانہر کی ہے([3])

وضاحت: يعني، اي منهنجا پيارا آقا، اي رسولِ خدا! اي ٻنهي جهانن جا سردار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي تمام گهڻو فخر آهي، ڪهڙي ڳالهه تي؟ ان تي ته


 

 



[1]...تفسیر خزائن العرفان، پارہ:30، سورۃ الضحیٰ،صفحہ:1107۔

[2]...حدائق بخشش، صفحہ:65۔

[3]... حدائق بخشش، صفحہ:212۔