Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil
آهي، هو چاهي ته اڄ ئي مينهن وَسِي سگهي ٿو. نجومي صاحب کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، چيائين: اِهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ توهان به ته علمِ نجوم جي ڄاڻ رکو ٿا، ستارن جي چال کي ته ڏسو!
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کيس سمجهائڻ لاءِ آسان انداز اختيار ڪيو، سامهون گھڙيال لڳل هو، پاڻ پڇا ڪيائون: ٻڌايو! هن وقت ڪيترو ٽائيم ٿيو آهي؟ نجومي صاحب چيو: سوا يارنهن. پڇيائون: 12 ٿيڻ ۾ ڪيتري دير آهي؟ نجومي وراڻيو: اڃان مُنو ڪلاڪ آهي. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اٿيا، هٿ سان وڏي سُئِي کي گھمايائون، فوراً 12 ٿي ويا. پاڻ فرمايائون: توهان ته چيو ٿي ته مُني ڪلاڪ کانپوءِ 12 ٿيندا، هي ته هاڻي ئي ٿِي ويا. نجومي صاحب چيو: هِي ته توهان سُئِي کي گھُمايو آهي، نه ته، نه ٿين ها. فرمايائون: مان به ته اهو ئي چئي رهيو آهيان، توهان ستارن کي ڏسي رهيا آهيو، مان ستارن کي ٺاهڻ واري جي قدرت کي ڏسي رهيو آهيان، هُو جنهن سِتاري کي جيئن چاهي گھمائي ڇڏي، اهو رب قادر ۽ قيوم چاهي ته هڪ مهينو ته پري جي ڳالهه آهي، هاڻي جو هاڻي هن وقت ئي مِينهُن وَسِي سگهي ٿو. بس سندن زبان مبارڪ مان ايترو نڪرڻو هو ته ڪَڪَر ڇانئجي ويا ۽ مِينهُن وسڻ شروع ٿي ويو. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي:
اُولٰٓىٕكَ كَتَبَ فِیْ قُلُوْبِهِمُ الْاِیْمَانَ وَ اَیَّدَهُمْ بِرُوْحٍ مِّنْهُؕ (پارو: 28، المجادله: 22)
ترجموڪنزالعرفان: هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۾ الله ايمان نقش فرمائي ڇڏيو ۽ پنهنجي طرف کان روح جي ذريعي انهن جي مدد ڪئي.
جو فيضان...!! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪهڙا نه ڪامل ايمان وارا هئا، پاڻ سِتارن تي نه بلڪ سِتارا بڻائڻ واري جي قدرت تي نظر فرمائي رهيا آهن، ساڳئي وقت الله پاڪ جي خاص تائيد ۽ مدد ڏسو! هيڏانهن سندن زبان مبارڪ مان الفاظ ادا ٿيا، هوڏانهن مِينهُن وسڻ شروع ٿي ويو.