Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil
اللہُ اکبر! اي عاشقان رسول! اندازو لڳايو! دل جي مڪمل پاڪيزگي، ڪامل صفائي گهرجي ته صوفياءِ ڪرام فرمايو آهي: ان جي لاءِ 80 سالن جي محنت جي ضرورت آهي.([1]) پر هتي هڪ 22 سالن جو نوجوان وقت جي وڏي رتبي واري وليءَ کان اجازت ۽ خلافت حاصل ڪري رهيو آهي، پيرِ ڪامل جو مرتبو ماڻي رهيو آهي، اها الله پاڪ جي خاص مدد ۽ عنايت نه آهي ته پوءِ ٻيو ڇا آهي ...؟
بولے مرشد یہ مُصَفّیٰ قلب لے کر آئے ہیں یہ تو زُہدو اَتْقَا کے بَن کے پیکر آئے ہیں
دل اگر مَیْلا رہے تو ہے صفائی ناگُزیر اِن کا دل ہے پاک اور روشن ہے پہلے سے ضمیر
صرف نسبت کی اِنہیں حاجت تھی نسبت مِل گئی غوثِ اعظم کی غُلامی کی سعادت مِل گئی
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي زندگيءَ مبارڪ جو هي به ڪمال آهي ته پاڻ 105 علمن تي ڪامل مهارت رکندا هئا ۽ اها به اهڙي جو زماني جا وڏا وڏا عُلماء ۽ مشائخ پَري پَري کان اچي سندن شاگردي اختيار ڪندا هئا. جڏهن پاڻ ٻيو دفعو حج جي لاءِ ويا ته ڏُورانهن علائقن کان آيل عرب عُلماء کانئن عِلمِ حديث جي اجازت وٺي رهيا هئا. هڪ دفعي هڪ عرب عالم سفر ڪري سندن خدمت ۾ بريلي شريف آيو ۽ شاگردي اختيار ڪيائين. پاڻ اهڙي مهارت رکندا هئا ۽ اها مهارت صرف هڪ علم ۾ نه پر 105 علمن ۾ هئي. اهو زبان سان چوڻ ۽ ٻڌڻ آسان آهي، جيڪي ماڻهو Ph.D ڪندا آهن، انهن کان پڇي ڏسو! Ph.D ڪندي ڪندي ماڻهوءَ جا وار اڇا ٿي ويندا آهن، شايد Ph.D جي ڪلاس ۾ هڪ به شاگرد 30 سالن کان گهٽ عمر وارو نه ملي سگهي. اها هڪ علم ۾ Ph.D ڪرڻ جي عُمرِ آهي، مگر اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو شان ڏسو! هڪ نه پر 105 علمن ۾ اهڙي مهارت رکڻ وارا آهن، ڄڻ ته هر علم ۾ الڳ