Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

بيعت لاءِ حاضر ٿيا. شاہه آلِ رسول رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو انداز مبارڪ اهو هو ته جيڪو به بيعت لاءِ ايندو هو، ان کي سالن جا سال مجاهدا ۽ رياضتون ڪرائيندا  هئا، پر قربان وڃجي! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 22 سالن جا نوجوان آهن، جڏهن شاہه آلِ رسول رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ پهتا ته پاڻ ڏسندي ئي فرمايائون: اچو! اسان ته ڪيترن ڏينهن کان اوهان جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.([1]) پوءِ پهرين ئي ملاقات ۾ پاڻ پنهنجي هُونَهار ۽ نئين مريد کي خلافت به عطا فرمائي ڇڏيائون. ٻيا مريد حيران هئا ته هن آستاني تان خلافت حاصل ڪرڻ ايترو آسان نه آهي، ڪيترائي سال محنت ڪرڻي پوندي آهي تنهن کانپوءِ وڃي اها نعمت ملندي آهي، احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تي ايڏي وڏي ڪرم نوازي ڇو ڪئي وئي آهي؟ جڏهن پير صاحب کان ان جي حڪمت پڇا ڪئي وئي ته سندن اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا، پوءِ فرمايائون: اي انسانو! توهان احمد رضا کي نه ٿا سڃاڻو...! وڌيڪ فرمايائون: مان فڪرمند هئس ته جيڪڏهن الله پاڪ قيامت جي ڏينهن فرمايو: اي آلِ رسول! تون دنيا مان اسان جي لاءِ ڇا کڻي آيو آهين؟ ته مان ڪهڙو جواب ڏيندس. اَلْحَمْدُ للہ! اڄ اهو فڪر دور ٿي ويو. هاڻي جيڪڏهن الله پاڪ مون کان پڇيو ته آلِ رسول! دنيا مان ڇا کڻي آيو آهين؟ ته مان مولانا احمد رضا کي پيش ڪري ڇڏيندس. 

روزِ محشر اگر مجھ سے پوچھے خُدا                    بول آلِ رسول تُو لایا ہے کیا

عرض کر دوں گا لایا ہوں احمد رضا                یاخُدا یہ امانت سلامت رہے

مسلکِ اعلیٰ حضرت سلامت رہے

شاہه آلِ رسول رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڌيڪ فرمايو: (اي انسانو! ٻڌو...!) ٻيا ماڻهو زنگ لڳل دل کڻي ايندا آهن، انهن کي تيار ڪرڻو پوندو آهي، احمد رضا صاف شفاف دل کڻي بلڪل تيار ٿيل  آيا آهن، انهن کي ته صرف نسبت جي ضرورت هئي.([2]) 


 

 



[1]...فیضان اعلیٰ حضرت، صفحہ:316۔

[2]... فیضان اعلیٰ حضرت، صفحہ:317خلاصۃً۔