Apni Jan Ke 3 Huqooq

Book Name:Apni Jan Ke 3 Huqooq

ٻيون  حق:      پاڻ   کي   هلاڪت   کان   بچائڻ

وضاحت:  اللہ پاڪ فرمائي ٿو:

ّٰهِ وَ لَا تُلْقُوْا بِاَیْدِیْكُمْ اِلَى التَّهْلُكَةِ    (پارو: 2، بقرة: 195)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ پنهنجن هٿن سان پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجهو.

پاڻ کي هلاڪت ۾ وجهڻ جون صورتون:  ٭ خودڪشي ڪرڻ ٭ بيمار ٿيڻ تي علاج نه ڪرائڻ ٭ طاقت کان وڌيڪ بار کڻڻ ٭ ڄاڻي واڻي نقصانڪار شيءِ کائڻ ٭ نشو ڪرڻ  ٭ ون ويلنگ ڪرڻ وغيرهه، سڀ هلاڪت ۾ وجهڻ وارا ڪم آهن. هر اهو ڪم جيڪو هلاڪت جو سبب بڻجي ان کان بچڻ به پنهنجي جان جي حقوق مان آهي.

ٽيو ن  حق :    پاڻ  کي  ذِلَت  کان  بچائڻ

وضاحت: هر اهو ڪم جيڪو اسان جي ذلت جو سبب بڻجي، ان کان پاڻ کي بچائڻ اسان تي لازم ۽ ضروري آهي. پاڻ کي ذلت تي پيش ڪرڻ حرام آهي.([1])

پاڻ کي ذلت تي پيش ڪرڻ جا ڪجهه مثال: ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ  ٭ چوري ڪرڻ ٭ دوکو ڏيڻ ٭ جُوا کيڏڻ ٭ ٭ ناحق پنڻ مطلب ته:  هر اهو ڪم جيڪو پنهنجي بي عزتيءَ جو سبب بڻجي، ان کان بچڻ اسان سڀني تي لازم آهي. حديث پاڪ ۾ آهي:  جيڪو بغير ڪنهن مجبوريءَ جي پاڻ کي ذلت ۾ وجھي، اهو اسان مان ناهي.[2]

دهرائي

اڄ اسان پنهنجي جانِ  جا 3 حق سکيا آهن، ذهن نشين ڪري وٺو!

(1): پاڻ کي گناهن کان بچائڻ (2): پاڻ کي هلاڪت کان بچائڻ (3): پاڻ کي ذلت کان بچائڻ

سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا


 

 



[1]... المبسوط للسرخسی ،جلد5،صفحہ23،مطبوعہ کوئٹہ  اذلال النفس  حرام ۔

[2] بخاری ،کتاب الدعوات،باب وضع الید الیمنی ...الخ،صفحہ:1560،حدیث:6314۔