Book Name:Apni Jan Ke 3 Huqooq
جي حوالي سان فرمائن ٿا: مومن کي گهرجي ته سمجهي ته مان ۽ منهنجو مال ربّ ڪريم جي هٿ ۾ وڪامجي چڪا آهيون، منهنجي ڪا به شيءِ منهنجي نه آهي. پنهنجي هڪ هڪ عضوي هڪ هڪ گھَڙِي ۽ هر مال کي اللہ پاڪ جي مرضيءَ مطابق استعمال ڪري، نه ته خائن (يعني خيانت ڪرڻ وارو) هوندو.([1])
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
وَ اِنَّ لِنَفْسِکَ عَلَیْکَ حَقًّا
ترجمو: بيشڪ تنهنجي جانِ جو تنهجي مٿان حق آهي.([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جو هي جسم، اسان جا هٿ ۽ پير، اسان جو هِڪُ هِڪُ ساههُ اصل ۾ اسان جو نه، پر اللہ پاڪ جي عطا ڪيل هڪ امانت آهي. هن امانت جي حفاظت ڪرڻ اسان سڀني تي لازم آهي. تنهنڪري اسان تي پنهنجي ذات جا به حق آهن. اچو ته! اڄ پنهنجي جان جا ٽي حق سکون ٿا:
پهريون حق: پاڻ کي گناهن کان بچائڻ
وضاحت: اللہ پاڪ فرمائي ٿو:
قُوْۤا اَنْفُسَكُمْ وَ اَهْلِیْكُمْ نَارًا
ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! پنهنجين جانِيُن ۽ پنهنجي گهر وارن کي ان باھ کان بچايو.
يعني اهڙن ڪمن کان پاڻ به بچو ۽ پنهنجي گهر وارن کي به بچايو، جيڪي توهان کي ۽ توهان جي گهر وارن کي جهنم جو حقدار بڻائن.
گناھ پنهنجي جان تي ظلم آهي، لهٰذا هر ننڍي وڏي گناھ کان پاڻ کي بچائڻ اسان جي پنهنجي ذات جو بنيادي حَق آهي.