Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein
1500 واں جشنِ ولادت مرحبا! صد مرحبا! آئے شاہِ ختمِ نبوت مرحبا! صد مرحبا!
آئے تاجدارِ رسالت مرحبا! صد مرحبا! آئے جہاں میں جانِ رحمت مرحبا! صد مرحبا!
صاحبِ عظمت و شان و شوکت مرحبا! صد مرحبا! سب سے بڑی اللہ کی نعمت مرحبا! صد مرحبا!
آمنہ چمکی تیری قسمت مرحبا! صد مرحبا! گود میں آئی ربّ کی رحمت مرحبا! صد مرحبا!
ذهنن ۾ سوال اٿي رهيا هوندا ته جيڪڏهن 1500 هون جشنِ ولادت آهي ته پوءِ ان ۾ انوکي ڳالهه ڪهڙي آهي؟ ان ۾ انوکي ڳالهه آهي. ڏسو! الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ لَلْاٰخِرَةُ خَیْرٌ لَّكَ مِنَ الْاُوْلٰىؕ(۴) (سيپارو: 30، سورة الضحى:4)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ توهان جي لاءِ هر پوئين گهڙي پهرين کان بهتر آهي.
يعني اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو پهرين کان ئي هي شان آهي ته پاڻ انتهائي اعليٰ رتبو رکن ٿا، جڏهن کان الله پاڪ پاڻ سڳورن کي پيدا فرمايو آهي، تڏهن کان وٺي هينئر تائين پاڻ ئي سڀ کان افضل، سڀ کان اعليٰ، سڀن جا آقا ۽ سڀن جا حاجت روا آهن.
بَعْدْ اَزْ خُدَا بُزُرْگ تُوئِی قِصَّۂ مُخْتَصر
پوءِ، تمام گهڻي افضل ۽ اعليٰ رتبي سان گڏ، الله پاڪ پاڻ سڳورن کي هي شان به بخشيو آهي ته هر لمحي سندن شانن ۾ واڌارو ئي واڌارو ٿيندو پيو وڃي، هر ايندڙ لمحو، هر ايندڙ سيڪنڊ، هر ايندڙ منٽ سندن شانن ۾ وڌ کان وڌ واڌارو ڪندو پيو وڃي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هي شانِ مصطفيٰ آهي. توهان اندازو لڳايو! جن جا شان پهريان ئي سڀني نبين کان به بلند آهن، اهي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪي رات جي هڪ مختصر ترين حصي ۾ عرش کان مٿي تائين جو سفر ڪري، الله پاڪ جي قربِ خاص جون سڀ منزلون طئي ڪري واپس تشريف آڻي سگهن ٿا، جن جي رات جي مختصر لمحي جي پرواز ايتري ته بلند آهي، 1500 سالن ۾ سندن شانن ۾ ڪيترو واڌارو ٿي چڪو هوندو...؟.