Aala Hazrat Ki Wasiyatein

Book Name:Aala Hazrat Ki Wasiyatein

ٻين بزرگن باجماعت نمازِ ظهر ادا ڪئي. نماز کانپوءِ ان غير مسلم جي مذهب جو ڪتاب اچي چڪو هو، ان مان ڪڍي ڏيکاريو ويو ته توهان جي مذهب ۾ عبادت (يعني پوجا پاٽ جا ٻه وقت مقرر آهن، صبح ۽ شام). اهو ڏسي اهو غير مسلم مطمئن ٿي ويو.

هاڻي هن ٻيو سوال ڪيو، چيائين: جيڪڏهن قرآن الله جو ڪلام آهي ته ٿورو ٿورو ڪري ڇو نازل ٿيو، الله پاڪ ته هڪ ئي ڀيري سڄو قرآن به نازل ڪري سگهيو ٿي.

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: جيڪا شيءِ عين ضرورت جي وقت ملندي آهي، دل ۾ ان جي اهميت وڌي ويندي آهي(مثال طور پاڻي عموماً اسان کي هر وقت ئي ميسر هوندو آهي، فرض ڪيو! سخت گرمي آهي، اسان صحرا ۾ آهيون ۽ اُڃ به شدت جي لڳي آهي، هاڻي اڌ گلاس به پاڻي ملي ويو ته ان جي اهميت اسان جي دل ۾ تمام گهڻي هوندي، اسان ان کي استعمال ڪرڻ ۾ وڏو احتياط ڪنداسين، ان کي ڪرڻ ۽ ضايع ٿيڻ کان بچائينداسين، اها ئي ڳالھ آهي ته جيڪا شيءِ ضرورت جي وقت ملندي آهي، ان جي اهميت وڌي ويندي آهي، ان ڪري ئي قرآن ڪريم موقعي بموقعي نازل ڪيو ويو، جڏهن جڏهن صحابه ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان کي ڪنهن نئين رهنمائي جي ضرورت هوندي هئي، تڏهن تڏهن قرآن نازل ٿيندو هو). اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڌيڪ فرمايو: انسان ٻار جي صورت ۾ پيدا ٿيندو آهي، پوءِ جوان ٿيندو آهي، پوءِ پوڙهو ٿيندو آهي، الله پاڪ ته ان کي پوڙهو پيدا ڪرڻ تي به قادر آهي، پوءِ پوڙهو پيدا ڇو نه ڪيائين؟ انسان پوک ڪندو آهي، پهريان ٻوٽو نڪرندو آهي، پوءِ ڪجھ عرصي کانپوءِ ان ۾ سنگ ايندو آهي، ان کانپوءِ داڻو نڪرندو آهي، الله پاڪ ته قادر آهي ته هڪدم داڻو پيدا فرمائي، پوءِ ائين ڇو نه ڪيائين...؟

هي علمي، حڪمت ڀريو ۽ آسان جواب ٻڌي ان غير مسلم جي تسلي ٿي وئي. هاڻي هن ٻيو سوال پڇيو، چيائين: توهان جي نبي کي خدا معراج جي رات پاڻ وٽ گهرايو هو، جيڪڏهن اهي واقعي خدا جا محبوب هئا ته انهن کي دنيا ۾ واپس ڇو موڪليو ويو؟

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه   هن بظاهر مشڪل سوال جو آسان جواب ڏيندي