Wiladat e Mustafa Ki Barkat

Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat

    ٭ پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي مبارڪ اعضاء جو به ذڪر آهي ٭ پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي صفتن جو به ذڪر آهي ٭ پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم  جي فضيلتن جو به ذڪر آهي ٭ ۽ اَلحمدُ لِلّٰہ! قرآن ڪريم ۾ 2 يا 4 دفعا نه، پر هڪ محتاط اندازي مطابق ڪل 27 هنڌن تي ميلاد (يعني پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي دنيا ۾ تشريف آوري) جو ذڪر موجود آهي. 

حسنؔ وِلادتِ سرکار سے ہوا روشن                        مرے  خُدا  کو  بھی  پیاری  ہے  بارہویں  تاریخ ([1])

بيان جي شروعات ۾ اسان سيپارو: 4، سورة آلِ عمران جي آيت: 164 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي ٭ هن آيتِ ڪريمه ۾ به پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي دنيا ۾ تشريف آوري جو بيان آهي ٭ پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي فضيلتن ۽ مناقب جو بيان آهي ٭ پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا، رسول بڻجي آيا ٭ ايمان ڏيڻ آيا ٭ قرآن سيکارڻ آيا ٭ علم ۽ حڪمت سيکارڻ آيا ٭ دلين کي چمڪائڻ آيا ٭ ۽ ڀِٽڪِيَل انسانذات کي سِڌو رستو ڏيکارڻ لاءِ تشريف کڻي آيا ٭ اهي سڀئي ڳالهيون هن آيتِ ڪريمه ۾ بيان ڪيون ويون آهن. 

هاڻي ٿورو پاڻ سوچيوغور فرمايو! اسان جڏهن ميلاد ملهائيندا آهيون  ٭ مصطفيٰ جي ميلاد جي محفل سجائيندا آهيون ٭ ميلاد جا اجتماع ڪندا آهيون، ته انهن ۾ ڇا ٿيندو آهي؟ ٭ تلاوت ڪئي ويندي آهي ٭ نعتون پڙهيون وينديون آهن ٭ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي ولادتِ باسعادت جو بيان ڪيو ويندو آهي ٭ سندن معجزن (Miracles) جي باري ۾ ٻڌايو ويندو آهي ٭ انهن جي فضيلتن ۽ مناقب جو بيان ٿيندو آهي. يعني اهي ئي ڳالهيون جن جو قرآن ۽ حديث ۾ ذڪر آهي، سي ئي بيان ڪيون وينديون آهن. تنهنڪري ثابت ٿيو ته ميلاد ملهائڻ ۾ ڪو حرج نه آهي، بلڪه اهو تمام وڏي سعادت وارو ڪم آهي. اللہ پاڪ اسان کي خوب جوش ۽ جذبي سان،


 

 



[1]... ذوقِ نعت،صفحہ:122۔