Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat
(3): اهڙا دروازا (Gate) لڳائڻ جائز نه آهن جن ۾ جاندارن جون تصويرون ٺهيل هجن. جاندارن جي تصويرن (Pictures) جي مذمت ۾ 2 احاديث مبارڪه پڙهو ۽ خوفِ خدا کان ڪَنبِي وڃو ٭ رحمت جا فرشتا ان گھر ۾ داخل نه ٿيندا آهن جنهن گھر ۾ ڪتو يا تصوير هجي([1]) ٭ جيڪو (جاندار جي) تصوير ٺاهيندو، اللہ پاڪ ان کي تيسيتائين عذاب ڏيندو رهندو جيستائين هو ان تصوير ۾ روح نه وجھي ۽ هو ان ۾ ڪڏهن به روح نه وجھي سگھندو. ([2])
(4): جشنِ ولادت جي خوشي ۾ ڪجهه هنڌن تي گانا ۽ باجا وڄايا ويندا آهن ائين ڪرڻ گناهه آهي. هن سلسلي ۾ 2 روايتون پيشِ خدمت آهن: ٭ سرڪارِ مدينه صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: مون کي دُهل ۽ بانسري ٽوڙڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.([3]) ٭ حضرت ضحاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان روايت آهي: گانو دل کي خراب ۽ اللہ پاڪ کي ناراض ڪرڻ وارو آهي.([4])
(5): نعتِ پاڪ بيشڪ هلايو پر هلڪي آواز ۾ ۽ ان احتياط سان ته ڪنهن عبادت ڪرڻ واري، سُتَل يا بيمار کي تڪليف نه ٿئي ۽ آذان ۽ نماز جي وقتن جي به رعايت ڪريو. (عورت جي آواز ۾ نعت نه هلايو).
(6): گهٽي يا روڊ کي اهڙي نموني سينگارڻ (Decoration) يا جهنڊو وغيره لڳائڻ جنهن سان راهه ويندڙ يا گاڏي هلائڻ وارن مسلمانن کي تڪليف ٿئي ناجائز آهي.
(7): چراغان ڏسڻ جي لاءِ عورتن جو اجنبي مردن ۾ بي پردهه نڪرڻ حرام ۽ شرمناڪ آهي ۽ باپردہه عورتن جو به موجوده انداز ۾ مردن ۾ مِلي جُلي