Wiladat e Mustafa Ki Barkat

Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat

منعقد ٿيندي آهي، ان سان گڏوگڏ اِها به  ڪوشش (Effort)  ڪيو ته ڪوئي امير (Rich) هجي يا غريب (Poor)  هر عاشقِ رسول پنهنجي گھر ۾ به محفلِ ميلاد جو ضرور اھتمام ڪري. جن کي اللہ پاڪ طاقت ڏني آهي، اهي وڏي پئماني تي محفلِ پاڪ جو اھتمام ڪن ۽ جيڪي غريب آهن، اهي به پنهنجي وس آهر گھر ۾ محفلِ پاڪ جو اھتمام ڪن، ڀلي مختصر پروگرام ئي ڪري وٺن، پر محفلِ ميلاد ضرور سجائن. ڪا ئي مشڪل ڳالهه نه آهي، پنهنجي گھر ۾ جتي سهولت هجي، پردي جي اھتمام سان جڳھ مختص ڪيو! پاڙي جي 8، 10 اسلامي ڀائرن کي دعوت ڏيو! محلي جي مسجد جي عاشقِ رسول امام صاحب جي خدمت ۾ بيان ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هو ذڪرِ محبوب لاءِ منع نه ڪندا. مختصر تلاوت ڪيو، هڪ ٻه نعت پڙهو! امام صاحب 15، 20 منٽن جو بيان ڪري، جيڪڏهن امام صاحب يا ڪنهن عاشقِ رسول مبلغ جي ترڪيب نه به بڻجي سگهي تڏهن به مشڪل ناهي. شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو رسالو آهي: صُبحِ بَهاران، ان سان گڏ مڪتبة المدينه جا ٻيا به رسالا آهن؛ مثال طور: سياهه فام غلام، خوفناڪ اُٺ، پوڙهو پوڄاري، نُورَ وارو چهرو، نور جو رانديڪو، عاشقِ ميلاد بادشاهه، انهن مان ڪو به رسالو يا شانِ مصطفيٰ تي 12 بيانن وارو مختصر ڪتاب حاصل ڪريو! چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net تان مفت ڊائونلوڊ ڪري! پاڻ ئي پڙهي ٻڌايو! بيان ٿي ويندو، آخر ۾ پنهنجي استطاعت مطابق مٺائي يا ٻي ڪائي مٺي شيءِ وغيره ورهايو! جيڪڏهن مٺائي ميسر نه ٿي سگهي تڏهن به ڪا ڳالهه ناهي، جيڪو ميسر هجي، اهو ئي تقسيم ڪيو، ميلاد ملهائڻ لاءِ لنگر يا شيريني ضروري به ناهي، اللہ پاڪ جي درٻار ۾ پئسو ۽ اھتمام نه، پر دل جو اخلاص قبول ٿيندو آهي. تنهنڪري اللہ پاڪ جيڪا توفيق بخشي آهي، محفل ۾ شريڪ ماڻهن جي خدمت ۾ پيش ڪيو!