Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat
سب چمک والے اُجلوں میں چمکا کیے اندھے شیشوں میں چمکا ہمارا نبی ([1])
خليفهءِ اعليٰ حضرت مولانا ظفر الدين بہاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن شعر جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا: جيڪڏهن سج جي سامهون هڪ آئينو سڌو رکيو وڃي ته جڏهن سج جي روشني ان آئيني تي پوندي ته اُنَ جو اولِڙو زمين تي پوندو جنهن سان ائين لڳندو ڄڻ زمين تي به هڪ سج موجود آهي، يعني اهو آئينو ايترو چمڪدار ٿي ويندو پر جيڪڏهن ساڳئي ئي سج جي سامهون اهو ئي آئينو اُونڌو ڪري رکيو وڃي، يعني آئيني جو رنگ لڳل پُٺيون پاسو سج ڏانهن ڪيو وڃي، ته هڪ نه، پر هزارين سج به ان کي روشن نه ڪري سگھندا. ها! اهڙي انڌي شيشي کي روشن ڪرڻ ماہِه طيبه، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو ئي ڪمال آهي. ڏسو! حضرت اسحاق عَلَیْہِ السَّلام کان وٺي حضرت عيسيٰ عَلَیْہِ السَّلام تائين جيترا به نبي ۽ رسول تشريف فرما ٿيا، اهي سڀ بني اسرائيل ۾ آيا، بني اسرائيل وارا دين کي سڃاڻيندا هئا، انهن وٽ هر دور ۾ دين جو چرچو رهيو هو، هڪ نبي تشريف کڻي ويندو هو ته ٻيو نبي تشريف کڻي ايندو هو، يعني بني اسرائيل ڄڻ هڪ سڌي رکيل آئيني وانگر هئا، انهن کي صرف سج جي روشنيءَ جي ضرورت هئي، جيڪا نبين جي تشريف آوري سان پوري ٿي ويندي هئي ۽ انهن جون دليون جڳمڳائڻ لڳنديون هيون. پر قربان وڃجي! اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تان، جن جو شان انتهائي نرالو آهي، پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم عرب ۾ تشريف فرما ٿيا، بني اسماعيل ۾ تشريف کڻي آيا، هِي اهڙا ماڻهو هئا جن وٽ حضرت اسماعيل عَلَیْہِ السَّلام کان پوءِ ڪو به نبي تشريف کڻي نه آيو هو، اهي ماڻهو ديني لحاظ کان گہري اونداھيءَ ۾ هئا، انهن کي نه ڪي دين جو علم هو ۽ نه ئي وري نبوت کي سڃاڻيندا هئا، انهن جو مثال اهڙو آهي جيئن ابتو رکيل آئينو هجي، اللہ پاڪ جي فضل سان ماہهِ طيبه، رسولِ خدا، احمد مجتبيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم انهن