Book Name:Mehmanon Ke 3 Huqooq
حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: ان مان معلوم ٿيو ته مهمان جي خاطر تواضع ڪرڻ (يعني خدمت چاڪِري ڪرڻ) سنت آهي، توڙي جو مهمان سان واقفيت نه هجي. ([1])
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
جنهن ٭ نماز قائم ڪئي ٭ زڪوات ادا ڪئي ٭ حج ڪيو ٭ رمضان جا روزا رکيا ۽ ٭ مهمان جي مهمان نوازي ڪئي اهو جنت ۾ داخل ڪيو ويندو. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪو شخص اسان سان ملڻ جي لاءِ ڪنهن ٻئي شهر مان اچي، اهو مهمان آهي. پر جيڪو پنهنجي محلي يا شهر مان اسان سان ملڻ جي نيت سان ٿوري وقت لاءِ اچي، اهو مهمان نه، پر ملاقاتي آهي ۽ جيڪو شخص پنهنجي ڪنهن ڪم جي لاءِ اچي، مثال طور: ٭ ڪو پنهنجي ڪنهن مسئلي بابت صلاح وٺڻ لاءِ اچي ٭ يا ڪنهن عالم دين وٽ فتويٰ پڇڻ جي لاءِ اچي، اهو مهمان نه آهي.([3])
اسلام اسان کي مهمانن جا حق ادا ڪرڻ جي تعليم ڏني آهي. اچو ته مهمانن جي ڪجهه حقن بابت سکون ٿا:
پهريون حق: مهمانن جو اِڪرام (يعني عزت ڪرڻ):
وضاحت: مثال طور: مهمانن جو استقبال ڪرڻ، ساڻن گرمجوشي سان (يعني کِلندڙ چهري ۽ مسڪراهٽ سان) ملڻ، پنهنجي وس آهر سٺن ۽ بهترين کاڌن جو انتظام ڪرڻ، ڪشادهه دِلي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ انهن سان سٺي انداز ۾ گفتگو ڪرڻ وغيرهه. حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: ”جيڪو