Book Name:Mehmanon Ke 3 Huqooq
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن جو جدول
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ مهمانن جا 3 حق جي متعلق ٻڌايو ويندو ۽ ڪُڪُڙَ جي آذان ٻُڌِي پڙهڻ واري دعا ياد ڪرائي ويندي ۽ آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جيڪو مون تي هڪ ڀيرو درود شريف پڙهندو آهي الله پاڪ ان جي لاءِ هڪ قيراط اجر لکندو آهي ۽ قيراط اُحد جبل جيترو آهي. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
آيت مبارڪه
قرآن ڪريم ۾ بيان ٿيو آهي ته هڪ ڀيري ڪجهه فرشتا انساني صورت ۾ حضرت ابراهيم عَلَیْہ السَّلَام وٽِ تشريف کڻي آيا، پاڻ انهن کي مهمان سمجهيائون ۽ سندن مهمان نوازي ۾ جلدي فرمايائون، ارشاد ٿئي ٿو:
فَرَاغَ اِلٰۤى اَهْلِهٖ فَجَآءَ بِعِجْلٍ سَمِیْنٍۙ(۲۶) (پارو: 26، سورة الذٰاريٰت: 26)
ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ ابراهيم پنهنجي گهر وارن جي طرف ويا ته هڪ ٿلهو متارو گابو آندائين.