Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat
محدثين ۽ مفسرين جا امام آهن. ٭ پاڻ مجدد به آهن، مفسر به آهن، محدث به آهن ٭ تمام وڏا عالِم ۽ انتهائي ذهين (Intelligent) مفتي به آهن٭ قرآن جا حافظ به آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا سچا عاشق به آهن.
ایک سچا عاشقِ نورِ مُجَسَّم بولیے اُن کو اُن کے عہد کا سالارِ اعظم بولیے
جن سے ہوں آباد علم و آگہی کی بستیاں ہیں جنم لیتی کئی صدیوں میں ایسی ہستیاں
سندن ولادت مبارڪ 10 شوال 1272 هجري بمطابق 14 جون 1856ع تي هندستان جي شهر بريلي ۾ ٿي. ٭ پاڻ 4 سالن جي عمر ۾ ناظره قرآن ڪريم ختم ڪيو. ٭ صرف 13 سال 10 مهينا 4 ڏينهن جي عمر ۾ ديني تعليم مڪمل ڪئي ۽ پهرين فتوا لکي. ٭ اندازاً 70 کان وڌيڪ علمن ۾ لڳ ڀڳ 1000 ڪتاب لکيا. ٭ قرآن ڪريم جو ترجمو ”ڪَنْزُالْاِيمان“، ”فتاويٰ رضويه“ ۽ ”حدائق بخشش“ سندن علمي ۽ ادبي شاهڪار آهن. ٭ پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 2 ڀيرا حج جي سعادت حاصل ڪئي. ٭ ٻئي ڀيري جڏهن روضهءِ رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي حاضر ٿيا ته پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جاڳندي اکين سان پاڻ کي پنهنجي ديدار سان نوازيو.٭ تقويٰ ۽ پرهيزگاري ايتري قدر هئي جو نه صرف فرائض ۽ واجبات جا سختي سان پابند هئا، پر سنتن، نوافل ۽ مستحبن کي به نه ڇڏيندا هئا.٭ گهٽ کائيندا ۽ گهٽ سمهندا هئا. ٭ پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 25 صفر 1340 هجري بمطابق 28 آڪٽوبر 1921ع جمعي جي ڏينهن هن دنيا مان رحلت فرمائي.٭ سندن مزار بريلي شريف ۾ آهي. 25 صفر تي پوري دنيا ۾ پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو عرس ملهايو ويندو آهي. ([1])
تُو نے باطِل کو مٹایا اے امام احمدرضا دِین کا ڈنکا بجایا اے امام احمدرضا
اہلِ سنّت کا چمن سر سبز تھا شاداب تھا تازگی تُو اور لایا اے امام احمد رضا([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد