Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

تائين ڇڏڻ لاءِ تشريف فرما ٿيا، جڏهن دروازي جي سامهون پهتا ته ڏٺائون ته ٻه صحابي رَضِيَ اللهُ عَنْهُمَا گهٽيءَ مان گذري رهيا آهن، ظاهر آهي ته حضرت صَفِيّہ رَضِيَ اللهُ عَنْهَا نقاب وغيره ڪري رکيو هوندو، رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن صحابن کي فرمايو: هيءَ صفيه (منهنجي زال) آهي.

هاڻي صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهُم جهڙا عظيم عاشق هجن، سامهون محبوب ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جهڙي هستي هجي، اهو ممڪن ئي ناهي ته صحابهءِ ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهُم جي دل ۾ محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بابت ڪو منفي خيال اچي وڃي، ان جي باوجود پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي ٻڌايو ته هيءَ منهنجي زال آهي. صحابهءِ ڪرام        رَضِيَ اللهُ عَنْهُم ادب سان عرض ڪيو: سُبْحٰنَ الله! يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! يعني اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان کان اهڙو گمان به نٿو ٿي سگهي ته اوهان جي باري ۾ ڪو منفي خيال دل ۾ آڻيون. حضور اڪرم                  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ شيطان انسان جي رت سان گڏ رڳن ۾ ڊوڙندو آهي، مون کي خوف ٿيو ته متان اهو توهان جي دل ۾ ڪو منفي خيال نه وجهي ڇڏي، ([1])

سُبْحٰنَ الله! هي  پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ انداز آهي، اسان کي به اهو انداز اپنائڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۔ 

مجھے غیبت و چغلی و بَدگُمانی                        کی آفات سے تُو بچا یاالٰہی!([2])

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو مختصر تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! اي عاشقانِ رضا! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه عاشقن جا امام آهن ٭ سنّين جا امام آهن ٭ عالمن جا امام آهن ٭ عابدن جا امام آهن ٭ زاهدن جا امام آهن ٭ اهلِ تقويٰ جا امام آهن ٭ فقهاءَ،


 

 



[1]... بخاری، کتاب الاعتکاف، باب ھل یخرج ...الخ، صفحہ:531، حدیث:2035 مفصلاً۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ:101۔