Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat
ياد رکو! هر گناهه جهنم جو حقدار بڻائڻ وارو آهي، بدگماني به گناهه آهي،([1]) جڏهن ڪو شخص، اسان جو ڪو مسلمان ڀاءُ اسان جي ڪري بدگماني ۾ مبتلا ٿي رهيو آهي ته يقينًا اسان پنهنجي مسلمان ڀاءُ لاءِ جهنم جو رستو کولڻ جو سبب بڻجي رهيا آهيون، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اهڙو ڪو به ڪم نه ڪريون جو ڏسڻ وارا بدگماني ۾ مبتلا ٿي وڃن. مثال طور، اسان شرابين وٽ بيٺا آهيون، ڏسڻ وارو اسان کي به شرابي سمجهي اجايو بدگماني ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو ٭ اسان موبائل تي لڪي لڪي ڳالهائي رهيا آهيون، ماڻهو بدگماني ڪري سگهن ٿا ته شايد ڪو غلط چڪر هلي رهيو آهي، ان ڪري ضرورت جي تحت ڳجهي ڳالهه ڪرڻي به هجي ته توجهه ۽ احتياط سان ڪرڻ گهرجي ٭ چار ماڻهو گڏ ويٺا هجن، ٻه شخص هڪ ٻئي جي ڪن ۾ سُس پس ڪن، ظاهر آهي ته گڏ ويٺل بدگماني ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا ٭ اسان سنوڪر ڪلبن جا بار بار چڪر هڻون، ماڻهو ته بدگماني ۾ مبتلا ٿيندا ٭ اهڙي طرح اسان جا واٽس ايپ اسٽيٽس، اسان جي ڊي پي تي لڳل تصويرون، اسان طرفان بار بار شيئر ٿيندڙ پوسٽون وغيره به اسان جي شخصيت جي عڪاسي ڪن ٿيون، انهن ۾ به احتياط ڪرڻ گهرجي ته متان ڪو شخص اسان جو اسٽيٽس ڏسي، ڊي پي جي تصوير ڏسي بدگماني ۾ مبتلا نه ٿي وڃي. مطلب ته: اهو قاعدو اسان کي پنهنجي ذهن ۾ پختو ڪري ويهاري ڇڏڻ گهرجي ته اسان کي ڪو به اهڙو ڪم ناهي ڪرڻو، جنهن سبب ماڻهو اسان بابت بدگماني ۾ مبتلا ٿين.
پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پيارو انداز
بخاري شريف ۾ روايت آهي ته حضرت صفيه رَضِيَ اللهُ عَنْهَا جيڪا زوجهءِ مصطفيٰ آهي، هڪ ڀيري رسول اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اعتڪافَ ۾ ويٺا هئا، حضرت صفيه رَضِيَ اللهُ عَنْهَا ملاقات لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿيون.
(ان وقت عورتن کي مسجد ۾ اچڻ جي اجازت هئي، بعد ۾ منع ڪئي وئي، خير!) پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم واپسي وقت کين مسجد جي دروازي