Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

بصر واريون مختلف چَٽڻيون کاڌيون هجن ٭  گول گپا وغيره ۾ عام طور تي ڪچا بصر وڌا ويندا آهن، اهي کاڌا، وات ۾ بدبوءِ ٿي وئي، اهڙي حالت ۾ مسجد ۾ اچڻ منع آهي. ([1]) ان ڪري جو مسجد الله پاڪ جو گهر آهي. قرآن ڪريم ۾ آهي:

اَنَّ الْمَسٰجِدَ لِلّٰهِ    (سيپارو: 29، سورت جن: 18)    

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ هيءُ ته مسجدون الله جون ئي آهن.

تنهنڪري اسان سڀني جو پهريون حق اهو بڻجي ٿو ته مسجد کي بدبوءِ کان لازمي طور تي بچايون. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو ڪمالِ تقويٰ ڏسو! ڏيئو ٻارڻ سان صرف چند سيڪنڊن لاءِ بوءِ اٿندي آهي، ان جي باوجود پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مسجد مبارڪ ۾ ڏيئو ٻارڻ جي به اجازت نه هئي. اسان وٽ سياري ۾ عام طور تي جڏهن مسجد ۾ هيٽر وغيره هلندا آهن ته ڏيئو روشن ڪرڻ لاءِ تيلي وغيره ٻاري ويندي آهي، نه ٻارڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته اسان مسجد جو خوب ادب ۽ احترام ڪريون ۽ هر اهو ڪم، هر اهو عمل، هر اهو انداز جنهن سان مسجد ۾ بوءِ اٿي، مسجد جي بي ادبي ٿئي، اهڙن ڪمن کان اسان لازمي طور تي بچندا رهون.

(3): بدگماني کان بچائڻ به خيرخواهي آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! سيرتِ رضا جي پياري واقعي مان هڪ اهم سبق اهو مليو ته ماڻهن کي بدگماني کان بچائڻ به اسان تي لازم آهي. هر اهڙو ڪم جيڪو ٻين کي بدگماني ۾ مبتلا ڪري سگهي، اسان کي گهرجي ته انهن ڪمن کان بچون. هيءَ تمام وڏي خيرخواهي آهي.

غريب کي رقم ڏيڻ به خيرخواهي آهي٭ بکايل کي ماني کارائڻ به خيرخواهي آهي ٭ ضرورتمند کي ڪپڙا وٺي ڏيڻ به خيرخواهي آهي   ٭ مسلمان ڀاءُ سان نيڪي ۽ ڀلائي سان پيش اچڻ به خيرخواهي آهي، اهي سڀ خيرخواهي جون صورتون آهن، پر! سڀ کان وڏي خيرخواهي اها آهي ته اسان ڪنهن کي جنت جو حقدار بڻائڻ يا جهنم کان بچائڻ جو ذريعو بڻجي وڃون.


 

 



[1]... بہارِ شریعت، جلد:1، صفحہ:648، حصّہ:3 ملخصاً۔