Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هي ڪيترو نه سخت ترين عذاب آهي. اسان پاڻ تي غور ڪريون ته اهڙيون ڪيتريون ئي نصيحتون آهن جيڪي اسان ٻين کي ته ڏاڍي پياري انداز ۾ ٻڌائيندا آهيون ۽ زبان کي به سٺو لڳندو آهي، پر عمل...!!افسوس! عمل ته نفس تي ڏاڍو ڳرو لڳندو آهي، عمل ٿيندو ئي ناهي. هاڻي ته ڄڻ هڪ دستور ئي بڻجي ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي ڪا سٺي پوسٽ ڏٺي، فوراً اڳتي وڌائي ڇڏي ۽ بس فارغ. واٽس ايپ (WhatsApp) تي اسٽيٽس ڏٺو، اسڪرين شاٽ ورتو، پنهنجي اسٽيٽس تي لڳائي ڇڏيو..!!
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جي طرفان سٺيون سٺيون قرآن ۽ حديث جي تعليمات تي ٻڌل، نصيحت ڀريون پوسٽون شيئر (Share) ڪيون وڃن ٿيون، سٺا سٺا اسٽيٽس شيئر ڪيا وڃن ٿا، انهن تي عام طور تي رد عمل اهو هوندو آهي ته پوسٽ پڙهي، اسٽيٽس تي لڳائي ۽ فارغ ٿي ويا.
هي به نيڪي جي دعوت آهي، نيت سٺي هجي ته ثواب جو ڪم آهي، اسان کي هي ڪم ڪرڻ گهرجي، فضول اسٽيٽس لڳائڻ کان ته 100 سيڪڙو بهتر آهي پر ادا...!! عمل ڪٿي آهي؟ قرآن ڪريم جي آيت، حديث پاڪ، بزرگن جو فرمان پوسٽ جي صورت ۾ اسان تائين پهتو هو ته جيئن اسان پڙهي ان تي عمل ڪريون، اسان ٻين تائين پهچايو ۽ ڳالهه ختم. هي ڏاڍي ناپسنديده ڳالهه آهي.
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سيرت مان اسان کي هي سبق ملي ٿو ته اسان سٺيون ڳالهيون ٻين کي ٻڌائڻ، پهچائڻ تائين ئي نه رهون، بلڪه پاڻ به عمل ڪرڻ جي عادت بڻايون.
سيرتِ رضا جي پياري واقعي مان ٻي ڳالهه اها معلوم ٿي ته مسجد کي بدبوءِ کان بچائڻ تمام ضروري آهي. ٭ گرميءَ جي موسم آهي، پگهر آيو، ڪپڙن مان بدبوءِ اچڻ لڳي ٭ اهڙي طرح وات مان بدبوءِ اچي رهي هجي ٭ ڪچو بصر کاڌو هجي ٭ ڪچي ٿوم کاڌي هجي ٭ ڪچي ٿوم ۽