Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat
تقويٰ کي ڏسي حضرت صديق اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي ياد تازي ٿي ويندي آهي. اوهان کي ڇو نه سڀني کان وڌيڪ متقي ۽ پرهيزگار چوان؟ اوهان پنهنجي دور جا سڀ کان وڏا متقي آهيو.
خائفِ کبریا ہیں رضا ہیں رضا عاشقِ مصطفےٰ ہیں رضا ہیں رضا
صوفیِ باصفا ہیں رضا ہیں رضا صاحبِ اِتِّقا ہیں رضا ہیں رضا
عاشقِ اولیا ہیں رضا ہیں رضا زینتِ اَتْقیا ہیں رضا ہیں رضا([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! سيرتِ رضا جي هن تقوا سان ڀرپور، ديني احتياطن سان لبريز پياري واقعي ۾ اسان لاءِ سکڻ جا ڪيترائي سبق آهن:
(1): علم تي عمل ڪيو
پهرين ڳالهه هي سکڻ لاءِ ملي ته شريعت، دين، ۽ علم جون ڳالهيون صرف ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ نه پر خود عمل ڪرڻ لاءِ به آهن. يعني ديني ڳالهيون ٻين کي ٻڌائڻ يقيناً ضروري آهي، پر انهن تي عمل ڪرڻ ان کان به وڌيڪ ضروري آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
كَبُرَ مَقْتًا عِنْدَ اللّٰهِ اَنْ تَقُوْلُوْا مَا لَا تَفْعَلُوْنَ(۳) (سيپارو: 28، سورت صف: 3)
ترجموڪنزُ العرفان: الله جي ويجهو هي سخت ناپسنديده ڳالھ آهي جو توهان اهو چئو جيڪو نه ڪيو.
معلوم ٿيو ته ٻين کي وعظ ڪرڻ، سٺيون ڳالهيون ٻڌائڻ ۽ پاڻ عمل نه ڪرڻ، انتهائي سخت ۽ شديد ڳالهه آهي، ۽ الله پاڪ کي اها ڳالهه هرگز پسند ناهي.
حديث پاڪ ۾ آهي: رسول اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: معراج جي رات مون ڪجهه اهڙن ماڻهن کي ڏٺو جن جا چپ باهه جي قينچين سان ڪَٽيا پئي ويا. جبريل امين عَلَیْهِ السَّلَام جن ٻڌايو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي اوهان جي امت جا اهي واعظ (يعني نصيحت ڪرڻ وارا) آهن، جيڪي اهي ڳالهيون چوندا هئا، جن تي پاڻ عمل نه ڪندا هئا. ([2])