Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

بدبوءِ اٿندي آهي، ان ڪري ماچيس جي تيلي به مسجد ۾ ٻارڻ منع هئي. هاڻي مينهن، هوا، اهڙي حالت ۾ بار بار مسجد مان ٻاهر وڃڻ، ماچيس جي تيليءَ سان ڏيئو روشن ڪرڻ، پوءِ وڏي احتياط سان اندر آڻڻ هڪ مشڪل ڪم هو.

اعليٰ حضرت جي خادم حاجي ڪفايت الله صاحب ان جو حل هيئن ڪڍيو جو بتيءَ کڻي ان ۾ مٽيءَ جو تيل وجهڻ بدران ارنڊيءَ جو تيل (Castor Oil) وجهي ڇڏيو، ته جيئن بدبوءِ نه اچي. اها بتي ٻاري مسجد ۾ رکيائين. بَتي ۾ شيشو لڳل هوندو آهي، ان ڪري اها هوا سان وسامندي ناهي.

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مسجد ۾ تشريف فرما ٿيا، بتيءَ تي نظر پين ته جلال مان فرمايائون: حاجي صاحب! توهان ڪيئي ڀيرا مسئلو ٻڌو هوندو ته مسجد ۾ بدبوءِ وارو تيل نه ٻارڻ گهرجي. عرض ڪيائين: ”حضور! هن بتيءَ ۾ ارنڊيءَ جو تيل آهي. فرمايائون: گذرڻ وارا ماڻهو اها ڳالهه ڪيئن سمجهي سگهندا؟ اهي ته اهو ئي چوندا ته ٻين کي فتويٰ ڏني ويندي آهي: مسجد ۾ بدبوءِ وارو تيل نه ٻاريو! ۽ پاڻ بتي ٻارائي رهيا آهن. ([1])

وڌيڪ فرمايائون: جيڪڏهن ارنڊيءَ جو تيل وجهي ئي ٻارڻي آهي ته ان جو هڪ طريقو آهي، بتيءَ وٽ بيهي رهو ۽ آواز ڏيندا رهو: هن ۾ ارنڊيءَ جو تيل آهي، هن ۾ ارنڊيءَ جو تيل آهي ته جيئن گذرڻ وارن کي بدگماني نه ٿئي. حاجي ڪفايت الله صاحب اها ڳالهه ٻڌي ته حڪم تي عمل ڪندي فوراً بتي بند ڪري ڇڏيائين. ([2])

تمہاری شان میں جو کچھ کہوں اُس سے سِوا تم ہو

قَسیمِ جامِ عِرفاں اے شَہ احمد رضا تم ہو

عیاں ہے شانِ صدیقی تمہاری شانِ تَقْوٰی سے

کہوں اَتْقٰی نہ کیوں کر جبکہ خَیْرُالْاَتْقِیَاء تم ہو

وضاحت: اي منهنجا پير و مرشد! اوهان جي شان ۾ جيڪو به چوان، اوهان جو شان ان کان گهڻو بلند آهي. اوهان ته الله پاڪ جي معرفت جا جام ورهائڻ وارا آهيو. اوهان جي


 

 



[1]... فیضانِ اعلیٰ حضرت، عادات و معمولات،  صفحہ:121 مفصلاً۔

[2]... فیضانِ اعلیٰ حضرت، عادات و معمولات، صفحہ:121 مفصلاً۔