Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat
حضرت فاروق اعظم رَضِیَ اللہُ عنہ به لڳايو هو. ([1]) ٭حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه به وڻ پوکيندا هئا([2])
تفسير ڪبير ۾ آهي: نهرون(شاخون) کوٽڻ ۽ شجر ڪاري ڪرڻ (يعني وڻ لڳائڻ) جي ڪري فارس (ايران) جي بادشاهن جون عمرون ڊگهيون ٿينديون هيون. ([3])
وڻن جا فائدا: ٭ وڻ، ٻُوٽا ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ (Carbon Dioxide) وٺن ٿا، آڪسيجن فراهم ڪن ٿا ۽ گلوبل وارمنگ (Global Warming) يعني دنيا جي وڌندڙ گرمي ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجن ٿا([4])
وڻ لڳائڻ جا احتياط: پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي ٻوٽو پوکڻو به آهي، ان کي وڻ به بڻائڻو آهي، تنهنڪري ٭ ٻوٽو پوکڻ کان بعد ان کي باقاعده پاڻي ڏيو! ٭ ان جي صفائي جو خاص خيال رکو ٭ عام راهن تي جتي هلڻ وارن کي تڪليف ٿئي ٭ جتي قانون طور منع هجي ٭۽ ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ۾ ٻوٽا نه پوکيو! ٭جيڪڏهن ڪنهن لاءِ ٻاهر ٻوٽا پوکڻ ممڪن نه هجي ته اهو پنهنجي گهر ۾ ٻوٽا پوکي. ([5])
ٻوٽا لڳائڻ جا وڌيڪ فضائل، فائدا ۽ احتياطون ڄاڻڻ لاءِ اميرِ اهل سنت مولانا محمد الياس عطاري قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو تمام سهڻو رسالو "وڻ لڳايو ثواب ڪمايو " مڪتبة المدينه کان حاصل ڪريو يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ تان ڊائون لوڊ ڪريو. اهو رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏيو ۽ سوشل ميڊيا جهڙوڪ واٽس ايپ وغيره تي رضاءِ الهي ۽ ثواب لاءِ ٻين سان به شيئر (Share) ڪريو!
[1]... دلائل النبوة، باب ماظہر فی النخل التی غرسہا النبی صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ...الخ،جلد:6، صفحہ:97۔
[2]... اِبن ماجہ ، کتاب الادب، باب فضل التسبیح، صفحہ:610، حدیث:3807 ماخوذاً۔
[3]... تفسیر کبیر، پارہ:12، ھود، زیرِ آیت:61،جلد:6، صفحہ:367 بتصرف ۔
[4]... درخت لگائیے ثواب کمائیے، صفحہ:8 ملتقطاً۔
[5]... درخت لگائیے ثواب کمائیے، صفحہ:7-13-15 ملتقطاً۔