Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat
ڀرپور تياريون فرمايو، خوب چراغان ڪرڻ، عمارتن، گاڏين تي مدني پرچم لڳائڻ، لڳرائڻ، صبح بهاران ۽ جلوسِ ميلاد ۾ شرڪت ڪرڻ، ڪرائڻ جي نيت فرمائي وٺو! الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي! اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله دعوتِ اسلامي هر سال آگسٽ جي مهيني ۾ ملڪِ پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ لاءِ وڻڪاري ڪري ٿي. دعوتِ اسلامي جي هن نعري "ٻوٽو لڳائڻو آهي وڻ بڻائڻو آهي" ۾ توهان به شامل ٿيو ۽ شرعي احتياطن سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻوٽو لڳائي ان کي درخت بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو. بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي وڻڪاري جي حوالي سان ڪجهه مدني گل پيش ڪريان ٿو.
2 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1) "جنهن ڪو وڻ لڳايو ۽ ان جي حفاظت ۽ سار سنڀال تي صبر ڪيو ايستائين جو اهو ڦل ڏيڻ لڳو ته ان مان کاڌو ويندڙ هر ڦل الله پاڪ وٽ ان (لڳائيندڙ) لاءِ صدقو آهي۔" ([1]) (2) جيڪو مسلمان وڻ لڳائي يا فصل پوکي پوءِ ان مان جيڪو پکي، انسان يا جانور کائي ته اهو ان جي طرفان صدقو ٿيندو. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! وڻ لڳائڻ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ثابت آهي، صحابہ ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم جي مبارڪ سنت آهي. ٭ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ عنہ جي لاءِ تقريبًا 300 کجيءَ جا وڻ پنهنجي مبارڪ هٿن سان لڳايا.([3]) ٭ انهن وڻن مان هڪ وڻ مسلمانن جي ٻئي خليفي