Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat
جي رنگينين ۾ گم ٿي زندگي برباد ڪري رهيو هيس. هڪ ڀيري هڪ اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي تحت ٿيندڙ آخري عشري جي اجتماعي اعتڪاف جي ڀرپور ترغيب ڏياري، تنهنڪري الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان مون کي اعتڪاف جي سعادت ملي، اجتماعي اعتڪاف جو پرڪيف ماحول، پرسوز بيانات، سحر ۽ افطار جا روحاني منظر تمام سٺا لڳا، ڪرم مٿان ڪرم هي ته اميرِ اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي علمي ۽ روحاني مدني مذاڪرن ۽ رقت انگيز دعائن دل مان گناهن جي ڪَٽُ صاف ڪري ڇڏي. منهنجي گناهن سان ڪاري زندگي ۾ عشقِ مصطفيٰ جي روشني پکڙجي وئي. مون پنهنجن گناهن کان سچي توبه ڪئي ۽ اميرِ اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه سان بيعت جو شرف حاصل ڪيو، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ڏاڙهي شريف سان چهرو سجائي ورتو، مٿي تي عمامه جو تاج سجايو ۽ سنتن ڀري زندگي بسر ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول اختيار ڪري ورتُم. ([1])
مقبول جہاں بھر میں ہو دعوتِ اسلامی صدقہ تجھے اے ربِّ غَفَّار! مدینے کا([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
مدني قاعدو (Madani Qaida) موبائيل ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ موبائيل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعدو (Madani Qaida). هن ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن حرف يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندا، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تلفظ هلندو، ائين هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آساني سان مدني قاعدو پڙهي، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هن ايپلي ڪيشن ۾ مدني قاعدي جي سڀني سبقن جي وڊيو رڪارڊنگ به ڏسي سگهجي ٿي. هي ايپلي ڪيشن