Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

12  ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني مذاڪرو

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪين ڀري زندگي گذارڻ، گناهن کان بچڻ جي سعادت ماڻڻ لاءِ عاشقان رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي چڙهي حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دل روشن ٿيندي، عشقِ رسول نصيب ٿيندو، محبتِ اِلاهي نصيب ٿيندي ۽ دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون هٿ اينديون. دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: هفتيوار مدني مذاڪرو.

اميرِ اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  دورِ حاضر جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت بلڪه ڪامل ولي آهن، پاڻ هر هفتي نمازِ عشاء کان پوءِ مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، يعني دنيا ڀر مان عاشقان رسول تفسير، حديث، شريعت، طريقت وغيره مختلف موضوعن تي سوال ڪندا آهن، اميرِ اهل سنت انهن جا جواب ارشاد فرمائيندا آهن.

مدني مذاڪرو اصلاحِ عقائد ۽ اعمال جو بهترين ذريعو آهي ٭  اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هينئر تائين ڪيترائي غير مسلم مدني مذاڪرو ڏسي ڪلمو پڙهي چڪا آهن بي نمازين جو هڪ تعداد آهي جيڪو نمازي بڻجي چڪو آهي ٭ ڪيترن دلين جي اصلاح ٿي آهي توهان به مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٭ علمِ دين حاصل ٿيندو ٭ محبتِ الاهي ملندي ٭ عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو ٭ گناهن کان نفرت نصيب ٿيندي ٭ نيڪي جو جذبو ملندو ۽ ٭ اخلاق ۽ ڪردار ۾ به بهتري ايندي اچو! مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي فائدن تي مشتمل هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

ماڊرن نوجوان جي توبه

هڪ اسلامي ڀاءُ جي تحرير جو خلاصو آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان مان گناهن ڀري زندگي گذاري رهيو هيس. هر وقت دل ۽ دماغ تي فيشن جو جنون سوار رهندو هو ۽ نيڪين کان پري دنيا