Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

ڇا ان مقصد کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو؟ ٭ ڇا اسان هن پاڪ زمين کي واقعي پاڪ بنائڻ جي ڪوشش ڪئي؟

پيارا اسلامي ڀائرو! 14 آگسٽ جو ڏينهن عام ڏينهن ناهي بلڪه هي عهد ۽ وفا جي تجديد جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن اسان لاءِ اهو پيغام کڻي اچي ٿو ته ٭ اسان پنهنجن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون، انهن لاءِ فاتحه ۽ ايصال ثواب جو اهتمام ڪريون ٭ هي ڏينهن اسان کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته اسان مڪمل طور تي اسلام کي پنهنجي مٿان لاڳو ڪريون ٭ هي ڏينهن اسان کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته اسان هن پاڪ زمين کي ڪوڙ، غيبت، چغلي، وعدي خلافي، وياج ۽ ٻين گناهن کان پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٭ هي ڏينهن اسان کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته اسان پنهنجي ملڪ کي سرسبز بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم ”دعوتِ اسلامي“ انهن ڪمن ۾ اڳيان اڳيان آهي. اوهان کي گذارش آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ذريعي معاشري جي اصلاح ۽ FGRF جي ذريعي فلاحي ۽ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺو!

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي!

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۔

یاخُدا پاک وطن کی تُو حفاظت فرما                          فضل کر اِس پہ سَدا سایۂ رحمت فرما

اِس کو تُو قلعۂ اسلام بنا دے یارَبّ                        مِرے پیارے وَطنِ پاک پہ رحمت فرما

آج ہے امن وطن کا مِرے پارہ پارہ                      پھر مہیا مِرے مولیٰ! اسے راحت فرما

ہائے بدمست گناہوں میں ہوئے اہلِ وطن          یاخُدا سب کو عطا نیک ہدایت فرما

بچہ بچہ ہو نمازی مِرے پاکستاں کا                          اور عطا جذبۂ پابندئ سُنت فرما

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد