Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

مشهور حديث پاڪ آهي لَا ‌يُؤْمِنُ اَحَدُكُمْ ‌حَتَّى ‌يَكُونَ ‌هَوَاهُ ‌تَبَعًا ‌لِمَا ‌جِئْتُ بِهِ  يعني توهان مان ڪو به ان وقت تائين مؤمن نٿو ٿي سگهي، جيستائين ان جون خواهشون منهنجي آندل دين جي تابع نه ٿي وڃن. ([1])

هي آهي ڪامل مؤمن جو شان، ماڻهو لباس خريد ڪري رهيو آهي، جوتا خريد ڪري رهيو آهي، شادي جي شاپنگ ٿي رهي آهي، هئير ڊريسر وٽ وار ٺهرائڻ ويو آهي، پڙهڻ ۽ سکڻ لاءِ ڪيريئر پلاننگ ڪري رهيو آهي، دڪان تي ويٺو آهي، معاشي ترقي جا خواب ڏسي رهيو آهي، مطلب ته ڪو لمحو هجي، ڪا ڪيفيت هجي، ڪو موقعو هجي، خوشي هجي يا غمي هجي، هڪ مسلمان جي دل ۾ جڏهن به ڪا خواهش اڀري، اها خواهش به دين جي تابع هئڻ گهرجي، دين جي مخالف نه هجي، اهو مقام ايندو، تڏهن ٻانهي کي ڪامل مؤمن هئڻ جو رتبو نصيب ٿيندو.

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جيڪڏهن پنهنجي ترقي ۽ ڪاميابي چاهيو ٿا ته اهي ٻئي ڳالهيون (1): پاڻ ۾ همدردي ۽ خيرخواهي (2): ۽ مڪمل طور تي دين جو پيروڪار ٿي وڃڻ، غيرن جي نقل کان بچڻ، اهي ٻئي ئي لازم آهن، جيڪڏهن اسان اهي ٻئي ڳالهيون اپنايون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت ۾ اسان جي ڪاميابي ئي ڪاميابي آهي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

 14  آگسٽ جو پيغام

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ 14 آگسٽ آهي- اهو ڏينهن جڏهن الله پاڪ اسان کي بيشمار قربانين کانپوءِ هڪ آزاد اسلامي رياست عطا فرمائي- جنهن ۾ اسان آزاديءَ سان اسلامي حڪمن تي عمل ڪري سگهون ٿا. هي ملڪ اسان لاءِ الله پاڪ جي هڪ وڏي عظيم نعمت آهي.

سوچڻ جي ڳالهه آهي! ٭ ڇا اسان هن نعمت جي قدر ڪئي؟ ٭ ڇا اسان شهيدن جي قربانين جو حق ادا ڪيو؟ ٭ جنهن مقصد لاءِ هي ملڪ ٺاهيو ويو


 

 



[1]... السنۃ لابن ابی عاصم، جز:1، صفحہ:46، حدیث:15۔