Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat
لاءِ مبلغ تيار ڪرڻ جهڙا هدف مقرر ڪيا. ٭ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جا هزارين مدرسا ۽ انهن ۾ پڙهندڙ لکين شاگردَ ٭ ديني معلومات تي ٻڌل سوين ڪتاب ٭ ۽ هزارين مبلغن جي صورت ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ڏنل ان فارمولي کي عملي جامو پهرائڻ ۾ مصروف آهن.
هندوستان جا هڪ وڏا عالمِ دين هڪ ڀيري عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ڪراچي جي دوري تي تشريف وٺي آيا ته فرمايائون: امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه دين جي خدمت جو جيڪو خواب ڏٺو هو، اڄ مان کليل اکين سان ان جي تعبير ڏسي رهيو آهيان. ([1])
اللہ کی نِعمت ہے، یہ دعوتِ اسلامی آقا کی عِنایت ہے، یہ دعوتِ اسلامی
سب نبیوں کی ، ولیوں کی ، اصحاب کی اہلِ بیت کی خاص عنایت ہے، یہ دعوتِ اسلامی
فیضانِ رضا ہے اور ، یہ غوث کا فیضاں ہے خواجہ کی حِمایت ہے، یہ دعوتِ اسلامی([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
(2): پنهنجو تشخص بحال رکو...!!
پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي ترقي ۽ ڪاميابي لاءِ ٻيو نسخو جيڪو اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه عطا فرمايو، اهو هي آهي ته مسلمان ٻه قومي نظريي جي عملي تصوير بڻجن، يعني ٻه قومي نظريو صرف اهو ناهي ته اسان تقريرن ۽ تحريرن ۾ ان کي بيان ڪندا رهون، پر ان جو مطلب اهو آهي ته اسان پنهنجي انداز، ڪردار، سيرت، عمل ۽ اطوار سان ثابت ڪريون ته مسلمان ٻيو هوندو آهي، ۽ غير مسلم ٻيو هوندو آهي.
يعني اسان ڪنهن به سطح تي نه لباس ۾ نه شڪل نه صورت ۾ نه طور طريقن ۾ نه علم ۾ نه جذبن ۾ نه شوق ۾ نه سوچن ۽ خيالن ۾ ڪنهن به سطح تي ڪنهن به غير مسلم جي نقل نه ڪيون، هميشه پنهنجي دين جي ئي پيروي ڪندا ڪريون.