Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat
٭ مسلمان جي اعانت (يعني ان جي مدد ڪرڻ) الله پاڪ کي گهڻي پسند آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ پنهنجي ٻانهي جي ان وقت تائين مدد فرمائيندو رهندو آهي، جيستائين اهو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي مدد ڪندو رهندو آهي.
٭ بغير تحقيق جي ڪنهن مسلمان ڏانهن گناهه جي نسبت ڪرڻ حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي يعني اسان اجايو ٻڌل ڳالهين ۾ اچي هي نٿا چئي سگهون ته فلاڻو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، فلاڻو بي نمازي آهي، فلاڻو سود خور آهي، اسان هميشه پنهنجن مسلمان ڀائرن بابت حسن ظن ئي رکنداسين. مسلمان جي توهين ڪرڻ حرام آهي.
بلا وجه شرعي ڪنهن جاهل مسلمان کي به گاريون ڏيڻ، ان جي توهين ڪرڻ حرام آهي.
مسلمان ڀاءُ سان 3 راتين کان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه بند رکڻ ناجائز ۽ حرام آهي مسلمان ڀاءُ جي توبه (يعني معافي) قبول ڪرڻ واجب آهي، يعني ڪنهن مسلمان ڀاءُ کان ڪا غلطي ٿي وئي، هاڻي اهو اسان کان معافي گهري ٿو، اسان هي نٿا چئي سگهون ته هي دل سان معافي نٿو گهري، اسان تي ضروري آهي ته ان جي معافي کي قبول ڪري وٺون. ([1])
اعليٰ حضرت جي امت لاءِ خيرخواهي ۽ دعوتِ اسلامي
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اميرِ اهل سنت، باني دعوتِ اسلامي، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه ، عاشقِ اعليٰ حضرت آهن. سندن جي بڻايل پياري تنظيم "دعوتِ اسلامي" اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ڪم کي، سندن ٻڌايل طريقن ۽ اندازن مطابق سڄي دنيا ۾ دين جي خدمت ۽ امت جي ڀلائي لاءِ مصروفِ عمل آهي.
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه امت جي خيرخواهي لاءِ 10 نڪتن تي ٻڌل هڪ فارمولو پيش ڪيو، جنهن ۾ ٭ اسلامي مدرسا کولڻ ٭ اسلامي اسڪالرز جي ذريعي اسلامي لٽريچر جي فراهمي ڪرڻ ٭ ۽ نيڪي جي دعوت جي