Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات (عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.)[1](

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! ٭الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس ٭ بَاادب ويهندس ٭ خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس ٭ جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بَتيءَ ۾ ارنڊيءَ جو تيل  (Castor Oil)

اڄ کان تقريباً سؤ، سوا سؤ سال پهرين جو واقعو آهي، ان وقت بجلي عام نه هئي، ماڻهو ڏيئو ۽ لالٽين (Lantern) وغيره ٻاريندا هئا. بَتي کي آسانيءَ سان سمجهڻ لاءِ هيئن چئجي ته اهو هڪ ننڍڙو ليمپ هوندو هو، جنهن ۾ تيل وجهي ٻاريو ويندو هو. ماڻهن جو معمول اهو هو ته بَتي ۾ مٽيءَ جو تيل ٻاريندا هئا، جنهن جي ٻرڻ سان بدبوءِ پکڙجندي هئي. ڏيئي ۾ گهڻو ڪري سرنهن يا ارنڊيءَ جو تيل (يعني ڪيسٽر آئل) وڌو ويندو هو، جنهن جي بدبوءِ نه هوندي هئي. اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي فتوا اها آهي ته مسجد ۾ مٽيءَ جو تيل ٻارڻ جائز ناهي، ڇوته مسجد کي بدبوءِ کان بچائڻ واجب آهي. ([2])

ان ڪري اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي جيڪا مسجد هئي، اتي بَتي نه ٻرندي هئي، ڏيئو ئي ٻاريو ويندو هو. هڪ ڀيري ائين ٿيو: رات جو وقت هو، مينهن به وسي رهيو هو ۽ هوا به هَلي رهي هئي. اهڙي حالت ۾ ڏيئو ٻارڻ مشڪل هو، ڏيئو ٻارين ته وري وسامي وڃي، وري ٻارين ته وري وسامي وڃي. ٻيهر ٻارڻ ۾ اها به مشڪل هئي ته ماچس جي تيليءَ ۾ جيئن ته گندرف (Sulphur) هوندو آهي، ان کي ٻارڻ سان به ڪجهه سيڪنڊن لاءِ ئي سهي، پر


 

 



[1]... بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔

[2]... فتاویٰ رضویہ، جلد:8، صفحہ:102مفہوماً۔