Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي منهنجي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو...!!
مصطفیٰ کا دُلارا ہمارا رضا غوثِ اعظم کا پیارا ہمارا رضا
جس کو سب اچھے کہتے ہیں اچھے میاں ہے اس اچھے کا اچھا ہمارا رضا
غم نہیں حشر سے مجھ کو کچھ اے مُحِبّؔ! ہے مدد کرنے والا ہمارا رضا
پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو اندازِ خيرخواهي. ڪاش! اسان به اهو انداز اپنايون، بس پنهنجن مسلمان ڀائرن جي حق ۾ خير ۽ ڀلائي ئي چاهڻ وارا بڻجي وڃون.
٭ الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِنَّ مِنْ وَاجِبِ الْمَغْفِرَةِ اِدْخَالُكَ السُّرُورَ عَلَى اَخِيكَ الْمُسْلِم يعني تنهنجي پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي دل ۾ خوشي داخل ڪرڻ مغفرت کي واجب ڪندڙ عملن مان آهي. ([1]) ٭ هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّ اَحَبَّ الْاَعْمَالِ اِلَى اللهِ بَعْدَ الْفَرَائِضِ اِدْخَالُ السُّرُورِ عَلَى الْمُسْلِم يعني الله پاڪ وٽ فرائض کان پوءِ سڀ کان پسنديده عمل مسلمان جي دل ۾ خوشي داخل ڪرڻ آهي. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي فضيلت اسان کي حاصل ڪرڻي آهي. بس اڄ کان هي پڪي نيت ڪري وٺو! مون کي هميشه نفع بخش ئي بڻجڻو آهي، ٻين کي فائدو ئي پهچائڻو آهي، پنهنجي مسلمان ڀائرن جي دل خوش ڪرڻي آهي. اهو اسان ڪري وٺون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان جو ملڪ عزيز بلڪ پوري دنيا جا مسلمان ترقي ۽ ڪاميابي طرف وڌي ويندا.
مسلمان جي خيرخواهي بابت نصيحتون
مسلمانن سان خيرخواهي، ڀلائي ۽ همدردي اپنائڻ بابت اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جون ڪجهه نصيحتون ٻڌو! پاڻ فرمائن ٿا: