Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

لاءِ هٿ کڻندا آهيون، اسان پنهنجي لاءِ گهڻو ڪجهه گهري رهيا هوندا آهيون، مثال طور: اي الله! مون کي دنيا جون ڀلايون به عطا فرماءِ، اي الله! مون کي آخرت جون ڀلايون به عطا فرماءِ، اي الله! منهنجي گهر ٻار جو ڀلو ڪر، اي رب ڪريم! منهنجي ٻارن ٻچن جي خير فرماءِ، منهنجي اهل و عيال جي خير فرماءِ.

ڪڏهن غور فرمايو! هي جيڪي اسان جي موبائل ۾ ايترا سارا نمبر سيو آهن، انهن ۾ اسان جي ڀائرن جا نمبر آهن، عزيز رشتيدارن (Relatives) جا نمبر آهن، دوست احباب جا نمبر آهن، ڇا ڪڏهن اسان انهن ماڻهن لاءِ به دعا ڪئي آهي...؟ ڇا ڪڏهن دعا وقت انهن ماڻهن جو خيال اسان کي آيو آهي؟ هي گهڻو پري جي ڳالهه نه ڪري رهيو آهيان، هي اهي ماڻهو آهن جن سان اسان جو ڪٿي نه ڪٿي تعلق آهي يا رهيو هو. اسان انهن لاءِ به دعا ناهيون ڪندا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي شان ڏسو! پاڻ پنهنجي عزيزن، دوستن ايتري قدر جو پنهنجي مريدن جي نالن جي به هڪ لسٽ ٺاهي رکي آهي ۽ قربان وڃجي! فرمائن ٿا: اهي سمورا نالا مون کي زباني ياد آهن ۽ مان روزانو نالو وٺي وٺي انهن لاءِ دعائون ڪندو آهيان.

                    بخشش جو سبب ڇا بڻيو...؟

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي عادت مبارڪ هئي، پاڻ عموماً جنازن ۾ شرڪت فرمائيندا ۽ نمازِ جنازه جون جيتريون دعائون حديثن ۾ آيون آهن، سڀ ئي پڙهي ڇڏيندا هئا. بريلي شريف ۾ نواب عزيز احمد نالي هڪ صاحب رهندو هو. ان جي زندگي ظاهري طور تي نيڪ عمل ڪندي نه گذري هئي، جڏهن ان جو انتقال ٿيو ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان جي نماز جنازه پڙهائي. بعد ۾ نواب صاحب جي گهرواري (Wife) ان کي خواب ۾ تمام سٺي حالت ۾ ڏٺو، ڇا ٿي ڏسي ته نواب صاحب تمام سٺي حالت ۾ آهي. بي بي صاحبه پڇيو: توهان جي بخشش جو سبب ڇا ٿيو؟ نواب صاحب چيو: اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه منهنجي جنازي جي نماز پڙهائي ۽ ايتريون دعائون ڪيون جو منهنجا سڀ گناهه بخشائي ڇڏيائون! ([1])


 

 



[1]... فیضان اعلیٰ حضرت، صفحہ:181۔