Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat
گرم چادر نه هئي، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه يڪدم پنهنجي چادر لاهي پنهنجي خادم کي عطا فرمائي. ان واقعي جي 2 يا 3 ڏينهن کان پوءِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لاءِ نئين چادر تيار ڪئي وئي، قربان وڃجي! پاڻ اها نئين چادر ويڙهي مسجد ۾ ويا، اتي هڪ مسافر کي ڏٺائون، ان وٽ گرم چادر نه هئي، پاڻ پنهنجي اها نئين چادر لاهي ان اڻڄاڻ مسافر کي عطا فرمائي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي عظيم شان آهي، ڪهڙيون سخاوتون آهن، پاڻ کي سيءُ لڳندو، پاڻ کي مشقت ٿيندي، ان جي ڪا پرواهه ناهي، مسلمان ڀاءُ مشڪل ۾ نه اچن، ان جي هر وقت فڪر ستائي ٿي.
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو هڪ ٻيو مبارڪ انداز ڏسو! پاڻ پنهنجي ٭ عزيزن، ٭ مائٽن، ٭ دوستن ٭ ۽ خاص خاص مريدن جي نالن جي هڪ ڊگهي لسٽ ٺاهي رکي هئي. فجر جي نماز کان پوءِ پنهنجي اوراد ۽ وظيفن جي آخر ۾ انهن سڀني لاءِ نالي سان دعا فرمائيندا هئا. سيد ايوب علي صاحب ارشاد فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان تمام پريشان هيس، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي بارگاهه ۾ دعا لاءِ عرض ڪيم، پاڻ دعا فرمائي ۽ ساڳئي وقت مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ سيد قناعت علي کي فرمايائون: توهان ٻنهي جو نالو به مون دعا جي لسٽ ۾ شامل ڪري ورتو آهي جيڪا آهستي آهستي تمام ڊگهي ٿي وئي آهي، اهي تمام نالا مون کي ياد آهن، روزانو نالي سان سڀني لاءِ دعا ڪندو آهيان. ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا پياري ادا آهي...! اسان ٿورو پنهنجي پاڻ تي غور ڪري وٺون، گهڻو پري وڃڻ جي ضرورت ناهي، ڪنهن ڏينهن بس پنهنجي موبائل جو جائزو وٺو! موبائل ۾ سَيۡو ڪيل نمبرن جي لسٽ (Contact List) کولي وٺو! ڏسو! ان ۾ ڪيترن ماڻهن جا نمبر سيو آهن، يقينا جن جو نمبر سيو آهي، ڪٿي نه ڪٿي توهان جو ان سان ڪجهه تعلق ضرور رهيو هوندو، هاڻي ٿورو غور فرمايو! جڏهن اسان نماز پڙهندا آهيون ، پنهنجي رب جي حضور دعا