Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

اچي، اسان دل سان هر مسلمان جو صرف ۽ صرف ڀلو ئي چاهيون، اهو ائين ئي فرض آهي، جيئن نماز فرض آهي. وڌيڪ فرمايائون: مال وغيره ذريعي مسلمان جي خيرخواهي فرض ڪفايه آهي. ([1])

يعني ڪنهن کي مال جي ضرورت آهي، هاڻي ڪو به مسلمان پنهنجي ان محتاج مسلمان ڀاءُ جي مالي خدمت ڪري، ان سان خيرخواهي ڪري، ته سڀني مسلمانن تان فرض لهي ويو، ڇو؟ ان ڪري جو اهو فرض ڪفايه آهي.

هي ڪيترو اهم نڪتو آهي، اسان ڪنهن مسلمان جي مُتعلق دل ۾ برائي نٿا آڻي سگهون. مثال طور ٭ ڪاش! ان جو ڪاروبار ٺپ ٿي وڃي، اهو چاهڻ گناهه جو ڪم آهي. ٭ الله ڪري ان جو ته آواز کسجي وڃي. ٭ فلاڻو ته بس مري ئي وڃي، زمين جو بار هلڪو ٿئي. ٭ منهنجو وس هلي ته ان کي جيل ۾ وجھرائي ڇڏيان. پنهنجن مسلمان ڀائرن بابت هن طرح جا نفرت ڀريا جيڪي جذبات دل ۾ ويهاريا ويندا آهن، اهو گناهه جو ڪم آهي، اسان ڪنهن به مسلمان ڀاءُ جو برو نٿا چاهي سگهون. هميشه خيرخواهي ئي ڪنداسين، همدردي ئي ڪنداسين.

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو اندازِ خيرخواهي

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو اندازِ خيرخواهي ڏسو! ٭ سندن مبارڪ عادت هئي ته هر سال سياري جي موسم ۾ سَوڙون (يعني اوڍڻ جون ڪپھ سان ڀريل گرم چادرون) نيون سبرائي غريبن ۾ ورهائيندا هئا، هڪ ڀيري سياري جي موسم ۾ پاڻ سوڙون ورهائي چڪا هئا، پنهنجي لاءِ به نه رکيائون، سندن ننڍي ڀاءُ مولانا محمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سندن لاءِ اسپيشل هڪ سوڙ ٺهرائي، اڃا پاڻ اها ويڙهي ئي هئي ته ڪنهن سوال ڪري ورتو، پاڻ فوراً اها پنهنجي سَوڙ لاهي ان غريب کي عطا فرمائي. ([2]) ٭ جناب ذڪاءُ الله صاحب اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جا خادم هئا، هڪ ڀيري سياري جي موسم هئي، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه گرم چادر ويڙهي رکي هئي، مغرب جي نماز پڙهي، مسجد مان ٻاهر تشريف وٺي آيا، ذڪاءُ الله صاحب کي ڏٺائون، انهن وٽ


 

 



[1]... فتاوی رضویہ،جلد:14، صفحہ:174 ۔

[2]... فیضانِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:175-176۔