Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

رسالي جي روشني ۾ اسان پنهنجي وطن عزيز جي ترقي ۽ ڪاميابي جو نسخو ٻڌون ٿا ۽ نيت ڪيون ٿا ته اسان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي انهن نصيحتن تي ڀرپور عمل ڪنداسين.

جيئن ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن مبارڪ رسالي ۾ 4 نصيحتون فرمايون آهن، جيڪڏهن اسان انهن جو خلاصو ڪڍون ته اهي 2 آهن: (1): فرمايائون: مسلمان مسلمانن جا همدرد ۽ خيرخواه ٿي وڃن (2): فرمايائون: مسلمان پنهنجو ديني تشخص(يعني پنهنجي مذهبي تهذيب، پنهنجا ديني طور طريقا، ظاهري شڪل ۽ صورت وغيره) تي مضبوطي سان قائم رهن، غير مسلمن جا نقال هرگز نه بڻجن (يعني انهن جي نقل نه ڪن). اهي ٻه نسخا جيڪڏهن اپنائي وٺون ته ان جي برڪت سان مسلمان پوري دنيا ۾ ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ڪري سگهن ٿا.

پيارا اسلامي ڀائرو! نيت ڪيو! پنهنجي وطن عزيز لاءِ، پنهنجي ترقي ۽ ڪاميابي لاءِ اهي ٻئي طريقا اسان عملي طور تي لازمي اپنائينداسين.

(1): همدرد ۽ خيرخواه بڻجي وڃو!

پهرين نصيحت هيءَ ته اسان (عام طور تي سڄي دنيا جي مسلمانن خاص ڪري) پنهنجي خاندان، محلي، شهر ۽ پوري ملڪ عزيز جي هر هر مسلمان لاءِ خيرخواه ۽ همدرد بڻجڻو آهي. منهنجي طرفان ڪنهن به پاڪستاني کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه پهچڻ گهرجي، تڪليف ته پري جي ڳالهه آهي مون تي لازم آهي ته هر هر مسلمان عاشق رسول جو صرف ۽ صرف ڀلو ئي چاهيان، ڪنهن به وقت، ڪنهن به لمحي، ڪنهن به ڪيفيت ۾ ڪنهن جو به برو هرگز نه چاهيان. ڪو منهنجو ماتحت آهي يا منهنجو امير آهي، منهنجو رشتيدار آهي يا پاڙيسري آهي، دوست آهي يا نه آهي، سڃاڻڻ وارو آهي يا اڻڄاڻ آهي، جيڪو به عاشق رسول آهي، مون کي ان جو صرف ۽ صرف ڀلو ئي چاهڻو آهي.

مسلمان جي خيرخواهي فرض عين آهي

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: دل سان مسلمان جي خيرخواهي فرض عين آهي. )[1]) يعني اسان جي دل ۾ ڪنهن به مسلمان جي ڪڏهن به برائي نه


 

 



[1]... فتاوی رضویہ،جلد:14، صفحہ:174 ۔