Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat

هئا، جيئن هڪ ڀيري وڏا وڏا ليڊر اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، عرض ڪيائون: اسان جنهن مسلم، غير مسلم اتحاد جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اها ئي وقت جي ضرورت آهي، مهرباني ڪري توهان اسان جي مخالفت نه فرمايو. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه قرآن ۽ سنت مان دليل ڏئي انهن کي سمجهايو ته وقت جي ضرورت غير مسلمن سان اتحاد نه پر ٻه قومي نظريو آهي، تنهنڪري مان هرگز ان ۾ توهان جو ساٿ نه ڏيندُس.

سندن جو جواب ٻڌي ڪري انهن ماڻهن عرض ڪئي: ٺيڪ آهي، توهان اسان جو ساٿ نه ڏيو پر گذارش آهي ته اسان جي مخالفت به نه ڪريو، بس خاموشي اختيار ڪريو. هاڻي ٿورو اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جا ايمان افروز ۽ امت جي خيرخواهي جي جذبي سان ڀرپور جملا ٻڌو! فرمايائون: مان خاموش ڪيئن ٿي وڃان...؟ مان مسلمانن کي غير مسلمن جي مڪر ۽ فريب ۾ ڦاسندي ڪيئن ڏسي سگهان ٿو؟ جيڪو نظريو توهان اپنائي رهيا آهيو، ان سان ته مسلمان غير مسلمن جا غلام بڻجي ڪري رهجي ويندا. مان هرگز ان ڳالهه تي خاموش نٿو رهي سگهان. ([1])  

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي پاڪيزه سيرت، پاڻ ئي آهن، جن جي خيرخواهي جي جذبي جي بدولت خود بانيان پاڪستان کي ٻه قومي نظريو مليو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جون ئي اهي خاموش محنتون ۽ قربانيون هيون، جن جي صدقي اڄ اسان وٽ هڪ آزاد اسلامي ملڪ موجود آهي.

امت مسلمه جي ترقي ۽ ڪاميابي جو نسخو

پيارا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه امت جا خيرخواه آهن، پاڻ امت جي ترقي ۽ ڪاميابي لاءِ باقاعدي هڪ رسالو لکيو، جنهن جو نالو آهي: تدبير فلاح و نجات (يعني اهي ڪهڙيون تدبيرون ۽ طريقا آهن، جن کي اپنائي مسلمان ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ڪري سگهن ٿا). جيئن ته اڄ 14 آگسٽ آهي، پاڪستان جو يوم جشن آزادي آهي، تنهنڪري اچو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ان


 

 



[1]... سید ی قطبِ مدینہ، جلد:1، صفحہ:456۔