Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat
وہ کہ اُس در کا ہوا، خَلْقِ خُدا اس کی ہوئی وہ کہ اُس دَرْ سے پِھرا، اللہ اُس سے پِھر گیا([1])
هي ٻه قومي نظريي جو بيان آهي. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا:
انہیں جانا، انہیں مانا، نہ رکھا غیر سے کام لِلہِ الْحَمْد میں دُنیا سے مسلمان گیا([2])
هي به ٻه قومي نظريي جو بيان آهي. اعليٰ حضرت جا ڀاءُ مولانا حسن رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا:
اپنا عزیز وہ ہے، جسے تُو عزیز ہے ہم کو ہے وہ پسند، جسے آئے تُو پسند([3])
هي به صاف صاف ٻه قومي نظريي جو بيان آهي.
پاڪستان جي تحريڪ آزادي جيڪا آهي، ان جي ٿورو تاريخ تي نظر وجهو، هڪ وقت هو جڏهن وڏا وڏا ليڊر 2 قومي نظريي جا قائل نه هئا. مسلم، ٭ غير مسلم اتحاد تي ڪم ڪري رهيا هئا. ان دوران تحريڪ خلافت هلي، ٭ سڀ ان طرف ٿي ويا. تحريڪ ترڪ موالات هلي، ٭ سڀ ان طرف ٿي ويا. ٭ غير مسلمن کي (معاذ الله!) باقاعده منبرن تي ويهاريو ويو،٭ انهن کان جمعي جون تقريرون ڪرايون ويون. ٭ غير مسلمن کي قرآن جي تعليمات جي مقابلي ۾ آڻي بيهاريو ويو، ٭ ان وقت صرف ۽ صرف اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هئا جيڪي پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن ذريعي 2 قومي نظريي کي بيان ڪري رهيا هئا.
خليفه اعليٰ حضرت حضور سيدي قطب مدينه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: اهو وقت جڏهن اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ٻه قومي نظريو بيان ڪري رهيا هئا، قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ ٻه قومي نظريي تي دليلن تي دليل ڏئي رهيا هئا، ڪتابن تي ڪتاب لکي رهيا هئا، ان وقت وڏا وڏا ليڊر به 2 قومي نظريي جا قائل نه