Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat
ٿيو هو، مسلمانن کي هڪ آزاد اسلامي رياست نصيب ٿي هئي، پاڪستان جي وجود جو جيڪو بنياد آهي يعني سٻه قومي نظريا، برصغير ۾ ان ٻه قومي نظرين جو باني ۽ ان تي مڪمل طور تي پهرو ڏيندڙ به اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ئي آهن.
يقين مڃو! ان 2 قومي نظريي تي پهرو ڏيڻ لاءِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ايتريون قربانيون ڏنيون آهن، ايتريون قربانيون ڏنيون آهن جو اسان سوچي به نٿا سگهون.
ائين ته ٻه قومي نظريو جيڪو آهي، اهو قرآني نظريو آهي، قرآن ڪريم ۾ صاف صاف طور تي 2 قومي نظريي جي تعليم موجود آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:
قُلْ یٰۤاَیُّهَا الْكٰفِرُوْنَۙ(۱) لَاۤ اَعْبُدُ مَا تَعْبُدُوْنَۙ(۲) (سيپارو:30، سورت ڪافرون: 1_2)
ترجمو ڪنزُ العرفان: اوهان فرمايو: اي ڪافرؤ! مان انهن جي عبادت نه ٿو ڪيان جن کي توهان پوڄيو ٿا.
قرآن ڪريم ۾ هي پوري سورت آهي، سورة ڪافرون. هي پوري سورت ئي 2 قومي نظريي تي مبني آهي.
برصغير جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته هتي سڀ کان پهريان ٻه قومي نظريو حضور مجدد الف ثاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بيان فرمايو. ([1]) ۽ جيڪڏهن اسان پاڪستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ ڏسون ته اهو نظريو سڀ کان پهريان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پيش فرمايو، نه صرف پيش ڪيو پر ان تي سختي سان پهرو به ڏنو. 1897ع ۾ يعني ڊاڪٽر اقبال جي ٻه قومي نظريو پيش ڪرڻ کان 29 سال پهريان هندستان جي شهر پٽنه ۾ هڪ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه باقاعدي سان ٻه قومي نظريو بيان فرمايو. ۽ صرف تقرير ۽ تحرير نه پر اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اشعار جي روشني ۾ به ٻه قومي نظريي جي خوب تشهير فرمائي. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو مشهور شعر آهي: