Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat
هڪ مدني اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي، هو چوي ٿو: اسان درسِ نظامي (يعني عالم ڪورس) ۾ پڙهندا هئاسين، هڪ ڏينهن استاد محترم سبق سمجهايو، ان تي مون کي ڪجهه اشڪالات ٿيا، ذهن ۾ سوال اٿيا، استاد صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪيم، استاد صاحب وضاحت فرمائي پر تسلي نه ٿي سگهي، تقريبن 40 منٽن جو پيريڊ ان مسئلي بابت گفتگو ۾ گذري ويو. ٻئي ڏينهن وري ان ئي مسئلي تي استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ علمي مذاڪرو شروع ٿيو، پورو پيريڊ وري ان ئي موضوع تي گذري ويو. ٽئين ڏينهن به ائين ئي ٿيو، مسئلو ته حل ئي نه ٿي رهيو هو. آخر ائين ٿيو، اهو مسئلو ته ذهن ۾ هَلي ئي رهيو هو، الجهيل ته رهيو ئي هو، آخر ۾ لائبريري ۾ ويس، فتاويٰ رضويه شريف کنيو، 27 هين جلد کولي، پڙهڻ شروع ڪيو ته اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اهو مسئلو جيڪو ٽن ڏينهن جي علمي گفتگو سان به حل نه ٿي رهيو هو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو لکيل هڪ جملو پڙهيو، ان سان ئي اهو پورو مسئلو حل ٿي ويو.
الله اڪبر! توهان ڏسو! هي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ڪيتري عظيم خيرخواهي آهي، پاڻ پنهنجون ننڊون قربان ڪري، آرام کي هڪ طرف رکي امت کي ايترو وڏو علمي ذخيرو عطا فرمايو جو اسان سڄي زندگي به صرف اعليٰ حضرت جي ڪتابن تي ئي تحقيقات ڪندا رهون ته اهو به گهٽ آهي.
وادی رضا کی کوہِ ہِمَالہ رضا کا ہے جس سَمت دیکھئے وہ عَلاقہ رضا کا ہے
اَگْلوں نے بھی لکھا ہے بہت علمِ دین پر جو کچھ ہےاِس صدی میں وہ تنہا رضا کا ہے
پيارا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خيرخواهين جو سلسلو تمام ڊگهو آهي، سندن سيرت جو هڪ هڪ گوشو امت جي خيرخواهي لاءِ وقف نظر اچي ٿو.
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اڄ 14 آگسٽ آهي، هي اهو ڏينهن آهي جو اڄ کان تقريبن 78 سال پهريان 14 آگسٽ 1947ع تي اسان جو پيارو ملڪ عزيز پاڪستان آزاد