Book Name:Aala Hazrat Khair Khwaah e Ummat
پيارا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي اعليٰ وصفن مان هڪ اهم ترين وصف هي به آهي ته پاڻ امت جا خيرخواهه هئا. جيڪڏهن توهان سندن پاڪ سيرت جو مطالعو ڪندا ته اول کان آخر تائين سندن پوري زندگي اسان کي امت جي خيرخواهي، ڀلائي ۽ ترقي لاءِ وقف نظر ايندي.
سندن خيرخواهي جي جذبي جو اندازو هن مان لڳايو ته اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تقريبن 1 هزار ڪتاب لکيا آهن، پاڻ روزانو صرف ڏيڍ کان 2 ڪلاڪ آرام فرمائيندا هئا،([1]) باقي سڄو وقت، تقريبن 22 ڪلاڪ، پاڻ تصنيف ۽ تاليف ۽ امت جي خيرخواهي، ڀلائي ۽ اصلاح ۽ ٻين ڪمن ۾ صرف ڪندا هئا.
توهان اندازو ڪريو! هي ڪيتري وڏي قرباني آهي، يقين مڃو! جيڪڏهن اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ايترا ڪتاب نه لکن ها ته اڄ امت مسلمه هزارين ديني مسئلن ۾ محتاج ٿي رهجي وڃي ها. نوَن نوَن پيدا ٿيندڙ مسئلن جو حل ۽ عقائد دينيه جون تشريحون جيڪڏهن اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي ننڊ ۽ آرام قربان ڪري، انهن تي قلم نه کڻن ها ته اڄ انهن مسئلن جو حل ڪڍڻ ناممڪن نه ته انتهائي مشڪل ضرور هجي ها. پر قربان وڃجي! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه امت جي خيرخواهي جي جذبي تحت ننڊ ۽ آرام قربان ڪيو، ڏينهن رات هڪ ڪري، انتهائي محنت سان مسلسل ڪم، ڪم ۽ ڪم ۾ مصروف رهيا، ايتري قدر جو جيڪڏهن پاڻ بيمار ٿي پوندا، طبيعت خراب ٿي ويندي هئي ته طبيعت جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ به تصنيف ۽ تاليف جي ڪم ۾ مصروف رهندا هئا ته جيئن امت کي فائدو پهچندو رهي.
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جا ايترا سارا ڪتاب اڄ اسان کي ڪهڙا ڪهڙا فائدا پهچائي رهيا آهن، ان جي صرف هڪ جهلڪ توهان جي سامهون رکان ٿو.