Book Name:Faiz e Data Huzoor
هئا ۽ واپس به وٺي ويندا هئا. هڪ ڏينهن جمعي جي نماز جي لاءِ مسجد ۾ موجود هئس، اقامت چَئِي پَئي وئي، مون ڏٺو ته هڪ نوراني چهري وارا بزرگ منهنجي ڀرسان بيٺا آهن. هنن فرمايو: تون اُٿِي ڇو نه ٿو بِيهِين؟ مون جواب ڏنو: مان ته لاچار آهيان، ٽنگن کان معذور آهيان. ان بزرگ زور سان منهنجو هٿ پڪڙي فرمايو: اُٿ!... تون بلڪل ٺيڪ آهين. جيئن ئي هنن مون کي اٿاريو ته مان اٿي بيٺس، ڄڻ ته مان ڪڏهن ٽنگن کان معذور ئي نه هيس. نماز کان پوءِ مون ان بزرگ کي تمام گهڻو ڳولهيو، پر هو مون کي نه مليا. ([1])
میں ہوں عصیاں کا مریض اور تم طبیبِ عاصِیَاں
ہو عطا مجھ کو گناہوں کی دوا داتا پیا!! ([2])
هڪ نيڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، مُلا جمال تلوي. جيڪي لاہور جا رهواسي هئا، انهن کي داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان تمام گهڻي عقيدت هئي. 12 سالن تائين مسلسل سندن معمول رهيو ته داتا حضور جي سلام لاءِ حاضر ٿيندا رهيا، چاهي گرمي هجي يا سردي، مِينهُن هجي يا طوفان، ڪنهن به طريقي سان داتا درٻار ضرور پهچي ويندا هئا. هڪ دفعي ائين ٿيو جو مُلّا جمال تَلْوِي کي سخت بک لڳي هئي، وَٽَن پئسا به ڪونه هئا ۽ کين ڪٿان کاڌو به نه ملي سگهيو. انهيءَ ئي حالت ۾ هڪ باغ ۾ ويا، جتي شھتوت (يعني تُوت) جو وڻ هو. هو ان وڻ جي هيٺان بيهي رهيا، اوچتو ڇا ٿا ڏسن ته وڻ تي هڪ نوراني چهري وارا بزرگ ويٺا آهن، جن فرمايو: مُلّا جمال! شھتوتَ يعني تُوتَ کائيندين؟ ائين چئي هنن وڻ جي شاخ کي لوڏيو، ته ان مان تازا پڪل تُوتَ ڪرڻ لڳا جڏهن ته اها شھتوتَ جي موسم به نه هئي. مُلّا جمال تَلْوِي فرمائن ٿا ته مون کي يقين آهي ته اهي بزرگ داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ئي هئا.([3])