Faiz e Data Huzoor

Book Name:Faiz e Data Huzoor

مراد حاصل ڪرڻ چاهين ٿو ته پِير مهر علي شاهه صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جي خدمت ۾ وڃي حاضر ٿي. 

فرمائن ٿا: مون کي ڇا گهربو هو؟ دل جي مراد...!! ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مان گولڙه  شريف به حاضر ٿي ويس. جيئن ئي پهتس ته ڇا ٿو ڏسان ته اهي ئي بزرگ جيڪي داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان گڏ خواب ۾ تشريف فرما ٿيا هئا، اهي ئي پير مهر علي شاهه صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه آهن. مان فوراً سندن هٿ تي بيعت ڪئي ۽ انهن جي غلامي ۾ رهي باطن جي صفائي ۾ مشغول ٿي ويس. ([1])

آپ محتاجوں کے والی درد مندوں کی دواء           بیکسوں کے آپ وارث اے ولی، شانِ خدا

مشکلیں حل ہوتی ہیں دربارِ عالی سے سدا            جاری دریا ہے سخاوت کا تری شہنشاہ

گنج بخش فیضِ عالم مظہر نورِ خدا

ناقصاں را پیرِ کامِل کاملاں را رہنما

معذور کي شِفا ملي وئي

لاہور جي هڪ رهواسيءَ جو بيان آهي ته: هڪ دفعو مان پنهنجي هڪ دوست سان گڏ داتا حضور جي بارگاهه ۾ سلام عرض ڪرڻ جي لاءِ وڃي رهيو هئس، رستي ۾ لوھاري دروازي وٽ هڪ شخص نظر آيو، جيڪو سُرمو وڪڻي رهيو هو. منهنجي دوست ان پوڙھي شخص ڏانهن اشارو ڪندي چيو: هي شخص داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي زندهه ڪرامت آهي. مون حيرت مان پڇيو: اهو ڪيئن؟ هن چيو: اچو ته  ان جي باري ۾  سندس ئي زباني ٻڌون ٿا. اسان ٻئي ان وٽ وياسين ۽ کانئس واقعو پڇيوسون، هن وراڻيو ته تقريباً 25 يا 30 سال پهريان جي ڳالهه آهي، مان اپاهج (يعني معذور) هئس، مان گُهمِي ڦِري نه سگهندو هئس، پر منهنجي عادت هئي ته جمعي جي نماز داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مزار شريف جي ڀرسان واري مسجد ۾ ئي پڙهندو هئس. منهنجا پٽ مون کي کڻي به ايندا


 

 



[1]...سیرت بعد وصال حضرت داتا گنج بخش،صفحہ:135و 136 خلاصۃً۔