Faiz e Data Huzoor

Book Name:Faiz e Data Huzoor

  ٭ جڏهن چاهِيندا آهن ته پنهنجي چاهڻ وارن کي پنهنجي ديدار سان به نوازيندا آهن ۽ ٭ اللہ پاڪ جي عطا ۽ ان جي ڏنل طاقت سان پنهنجن چاهيندڙن جون مشڪلاتون به آسان فرمائيندا آهن. 

داتا حضور جو فيض سڀني شهرن ۾

حضرت مجدد الف ثاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: منهنجي نظر ۾ لاهور شهر بَرِصَغِير جي سڀني شهرن ۾ قُطُب آهي، هن شهر جو خير ۽ برڪت برصغير جي تمام شهرن ۾ پکڙيل آهي. ([1]) 

ڪامل پِير ملي ويو

بابا غلام فريد بٽالوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، ويجهر جا ئي آهن، گهڻو پراڻا نه آهن. انهن جي دل ۾ هڪ خواهش هئي ته ڪنهن طرح اللہ پاڪ جو قرب حاصل ٿي وڃي، باطن جي صفائي ٿئي ۽ دل جا دروازا کُلي وڃن. اها ئي خواهش کڻي عبادتون ۽ رياضتون ڪندا رهيا، بزرگن جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا رهيا، پر جيڪو مقصد هو سو حاصل نه ٿي سگهيو، تمام گهڻو مايوس ٿي ويا، ايتري قدر مايوس ٿي ويا جو خودڪشي ڪرڻ جو ذهن بڻايائون ۽ ان مقصد جي لاءِ زهر به خريد ڪيائون. 

پر اللہ پاڪ جي رحمت سان سندن مٿان ڪرم ٿي ويو، سُتا ته قسمت جاڳي پئي. حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بگڙيل قسمت سنوارڻ جي لاءِ خواب ۾ تشريف کڻي آيا. هڪ ٻيو بزرگ به ساڻَن گڏ هو. داتا حضور   رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بابا غلام فريد جو مسئلو ان بزرگ جي حوالي ڪري ڇڏيو. اک کُلي ته ڏاڍو خوش ٿيا، خودڪشي جو بُرو ارادو به ترڪ ڪيائون، پر هاڻي سوچ ۾ پئجي ويا ته اهو بزرگ ڪير هو؟ ان سان ڪيئن ملان؟ هڪ ڏينهن ڪنهن دوست سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته سندن دوست چيو: جيڪڏهن دل جي


 

 



[1]...فیضان دار علی ہجویری، صفحہ:45۔