Book Name:Faiz e Data Huzoor
ٻڌايو ته جنگ جي دوران منهنجي جسم تي 73 زخم لڳا هئا. مون اسلامي پرچم ساڄي هٿ ۾ کنيو هو، اهو هٿ ڪٽجي ويو ته پوءِ مون اسلامي جهنڊو کاٻي هٿ ۾ کنيو، اهو هٿ به ڪٽجي ويو. اللہ پاڪ انهن ٻنهي هٿن جي بدران مون کي 2 پر عطا فرمايا آهن، جن جي ذريعي مان فرشتن سان گڏ اڏامندو آهيان ۽ جتي چاهيندو آهيان اُتي لَهندو آهيان. ([1])
امام حاڪم مستدرڪ ۾ روايت ڪئي آهي ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هڪ رات مون جعفر کي ڏٺو، انهن کي 2 پَرَ هئا ۽ هو فرشتن جي هڪ جماعت سان گڏ اڏامي رهيا هئا. ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته اللہ پاڪ جا نيڪ ٻانها، اولياءِ ڪِرام جڏهن هن دنيا مان رخصت ٿيندا آهن ۽ سندن روح جڏهن جسمن کان جدا ٿيندا آهن ته ائين نه آهي ته مَعَاذَ اللہ! اهي مَري فنا ٿي ويندا آهن، نه ...!! نه. بلڪه اهي زندهه آهن ۽ انهن کي مختلف ذميواريون عطا ڪيون وينديون آهن.
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ للہ! قرآن پاڪ ۽ احاديث مبارڪه مان اهو ثابت آهي ته اولياءِ ڪِرام پنهنجن مزارن ۾ زندهه آهن، سندن روح مختلف ڪم سرانجام ڏيندا آهن، انهن مان هڪ ڪم پنهنجن عقيدتمندن جي مدد ڪرڻ به آهي. اَلْحَمْدُ للہ! ٭ حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به ڪامل ولي هئا ٭ سيد زادهه به هئا ٭ تمام وڏا عالم فاضل به هئا ٭ ولايت جي بلند درجي تي به پهتل هئا ٭ پاڻ به پنهنجي مزار پاڪ ۾ زندهه آهن