Faiz e Data Huzoor

Book Name:Faiz e Data Huzoor

فَالسّٰبِقٰتِ سَبْقًاۙ(۴) فَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًاۘ(۵)  (پارو: 30، النٰزِعٰت: 4، 5)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ (قسم آهي ....!!) اڳتي وڌڻ وارن جو، پوءِ ڪائنات جو نظام هلائڻ وارن جو

پاڪ رُوحَ فرشتن سان ملي ويندا آهن

قرآنِ ڪريم ۾ ٻين هنڌن تي به ان ڳالهه جو بيان موجود آهي ته اولياءِ ڪِرام جا پاڪ روح جڏهن انهن جي جسمن کان جدا ٿيندا آهن ته انهن کي چيو ويندو آهي: 

فَادْخُلِیْ فِیْ عِبٰدِیْۙ(۲۹) وَ ادْخُلِیْ جَنَّتِیْ۠(۳۰) (پارو: 30، الفجر: 29۽ 30)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ منهنجن خاص ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ ۽ منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ.

شاھ ولي الله محدث دهلوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ان مان معلوم ٿيو ته ولي الله جي پاڪ روح کي فرشتن سان گڏ شامل ٿيڻ جو حق ڏنو ويندو آهي. ([1]) 

حضرت جعفر طيار کي   2  پَرَ  عطا ڪيا ويا

حضرت جعفر طيار رَضِیَ اللهُ عَنْہُ صحابيءِ رسول آهن، پاڻ جنگِ موته ۾ شهيد ٿيا. صحابيءِ رسول حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللہُ عَنْہُما فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما هئا، ڀرسان ئي (حضرت جعفر طيار رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي بيواهه) حضرت اَسماء بنت عُميس رَضِیَ اللہُ عَنْہَا به موجود هيون. اوچتو پياري پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم، سَلام جو جواب ڏنو، جڏهن ته اتي سلام ڪرڻ وارو ڪو به نه هو. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن کي جواب ڏنو؟ ان جي وضاحت ڪندي فرمايائون: اي اسماء! هِي جعفر آهن، جيڪي حضرت جبرائيل ۽ ميڪائيل عَلَیْہِمَا السَّلَام سان گڏ وڃي رهيا هئا، انهن مون کي سلام ڪيو ۽ جعفر مون کي


 

 



[1]...حجۃ اللہ البالغۃ،القسم الاول،  المبحث الاول،باب ذکر الملا الاعلیٰ، جلد:1، صفحہ:33۔