Book Name:Faiz e Data Huzoor
سگهي ٿو، هو ڪنهن جو محتاج نه آهي، سڀئي ان جا محتاج آهن، پر اللہ پاڪ پنهنجي ئي قانون مطابق هي نظام ٺاهيو آهي ته ڪنهن کي هن ڪائنات جو نظام هلائڻ جي ذميواري عطا فرمائيندو آهي. جيئن فرشتن کي مختلف ذميداريون ڏنيون ويون آهن. مثال طور: ٭ ڪو فرشتو مينهن وسائڻ تي مقرر آهي ٭ ڪو فرشتو روح قبض ڪرڻ تي مقرر آهي ٭ ڪنهن جي ذميداري جبلن تي آهي ٭ ته ڪو سمنڊن ۽ دريائن تي مقرر آهي، مطلب ته هي رب ڪريم جو نظام آهي، هو جيئن چاهي ٿو، تيئن هلائي ٿو.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اللہ پاڪ فرمائي ٿو:
فَالسّٰبِقٰتِ سَبْقًاۙ(۴) فَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًاۘ(۵) (پارو: 30، النٰزِعٰت: 4، 5)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ (قسم آهي ....!!) اڳتي وڌڻ وارن جو، پوءِ ڪائنات جو نظام هلائڻ وارن جو
هن مقام تي اُهي ڪهڙا خوشنصيب آهن، جن جو اللہ پاڪ قسم کنيو آهي؟ اهي ڪير آهن جيڪي اڳتي وڌڻ وارا آهن؟ اُهي ڪير آهن جن کي اللہ پاڪ ڪائنات جي نظام هلائڻ جي ذميداري ڏَئِي ڇَڏِي آهي؟ ٭ امام فخر الدين رازي ٭ علامه محمود آلوسي ٭ امام بيضاوی رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهم ۽ ٻيا ڪيترائي مفسرينِ ڪرام فرمائن ٿا: ان مان مراد اولياءِ ڪرام جا اُهي پاڪ رُوحَ به ٿي سگهن ٿا، جيڪي دنيا ۾ اللہ پاڪ جي قرب جا مشتاق رهندا آهن، پوءِ جيئن ئي اهي پنهنجن جسمن کان جدا ٿيندا آهن تيئن ئي تيزي سان اللہ پاڪ جي قرب ڏانهن وڌندا آهن، تنهنڪري اهي اڳتي وڌڻ وارا آهن. وڌيڪ هي ته جيئن اللہ پاڪ فرشتن کي مختلف ذميواريون عطا ڪيون آهن، تيئن ئي انهن اولياءِ ڪرام جي پاڪ روحن کي به مختلف ڪمن جون ذميواريون سونپيون وينديون آهن. هِي ئي اُهي پاڪ رُوحَ آهن، ([1]) جن جو قسم کڻي اللہ پاڪ ارشاد فرمايو آهي: