Faiz e Data Huzoor

Book Name:Faiz e Data Huzoor

کیا غرض دَر دَر پھروں میں بھیک لینے کے لئے

ہے سلامت آستانہ آپ کا داتا پیا

جھولیاں بھر بھر کے لے جاتے ہیں منگتے رات دِن

ہو       مِری       اُمِّید       کا       گلشن       ہَرا       داتا      پیا ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ للہ! حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وليءِ ڪامل آهن ۽ سندن فيض جو درياءُ اڄ به جاري آهي.

اسان شروع ۾ سيپارو 30، سورة النٰزعٰت جون 2 آيتون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، اچو ته پهريان انهن ٻنهي آيتن جي وضاحت ٻڌون ٿا، پوءِ انهن آيتن جي روشني ۾ داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي فيض جو تذڪرو ٻڌنداسين. 

آيتِ ڪريمه جي مختصر  وضاحت

اللہ پاڪ فرمائي ٿو: 

فَالسّٰبِقٰتِ سَبْقًاۙ(۴) فَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًاۘ(۵) (پارو: 30، النٰزِعٰت: 4، 5)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ (قسم آهي ....!!) اڳتي وڌڻ وارن جو، پوءِ ڪائنات جو نظام هلائڻ وارن جو

هن مقام تي اصل ۾ 5 صفتون آهن، جن جو اللہ پاڪ قسم کنيو آهي، انهن مان 2 صفتون اسان ٻڌيون ته فرمايو ويو: اڳتي وڌڻ وارن جو قسم! ۽ ڪائنات جو نظام هلائڻ وارن جو قسم!

هتي هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪري ڇڏيو ته سموري ڪائنات جو نظام اللہ پاڪ ئي هلائي ٿو، سندس شان اهو آهي ته هُو کُنْ فرمائي هزارين جهان پيدا ڪري


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:534۔