Book Name:Faiz e Data Huzoor
ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ (قسم آهي ....!!) اڳتي وڌڻ وارن جو، پوءِ ڪائنات جو نظام هلائڻ وارن جو
داتا حُضُور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو مختصر تعارُف
پيارا اسلامي ڀائرو! صَفَر المظفر جو مبارڪ مهينو آهي، 20 صفر المظفر تي عالَمِ اسلام جي مشهور ۽ معروف هستي، تاجدارِ لاهور، حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو عرسِ مبارڪ ٿيندو آهي٭ داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لڳ ڀڳ 400 هجري ۾ دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا ٭ سندن نالو مبارڪ: علي ۽ والد صاحب جو نالو: عثمان آهي ٭ داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه افغانستان جي علائقي غزني جا رهاڪو هئا. غزني ۾ هڪ محلي جو نالو آهي: هُجْوير. داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اُنَ محلي ۾ رهندا هئا، انهيءَ نسبت سان هجويري سڏجڻ لڳا ٭ پاڻ نَجِيْبُ الطَّرَفَیْن يعني حَسَنِي ۽ حُسَينِي سيد آهن ٭ ابتدائي عمر کان ئي وڏا نيڪ، متقي، پرهيزگار، عبادت گذار ۽ علمِ دين جو تمام گهڻو شوق (Passion) رکندا هئا ٭ تقريباً 34 سالن جي عمر ۾ لاهور تشريف کڻي آيا ٭ هتي نيڪي جي دعوت کي عام ڪيائون، دينِ اسلام جو پيغام ڦهلايائون، ماڻهن کي قرآن ۽ سنت جي تعليم ڏنائون. پنهنجي اخلاق ۽ پنهنجي ڪردار سان، ڪڏهن بيانن جي ذريعي ته وري ڪڏهن ڪرامتون ڏيکاري، بيشمار ڪافرن کي مسلمان ڪيائون، جيڪي اڳ ۾ مسلمان هئا، انهن کي سنتن جو پيڪر بڻايائون، ڪيترن کي عالم بڻايائون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجي تربيت هيٺ آڻي ولايت جي بلند مقام تائين پهچايائون ٭ تقريباً 30 سالن جي عرصي ۾ بَرِصَغِير ۾ هڪ انقلاب برپا ڪري ڇڏيائون ٭ هڪ مضبوط قول جي مطابق پاڻ 465 هجري ۾ هن دنيا مان پردو فرمايائون ٭ سندن مزار مبارڪ لاهور ۾ آهي ٭ انهن جي ئي نسبت سان لاهور کي مَرڪَزُ الْاَوليا ۽ داتا نگر به سڏيو ويندو آهي.([1])