Faiz e Data Huzoor

Book Name:Faiz e Data Huzoor

اهو هي آهي ته مثال طور، جنازي جي نماز ٿيڻ واري آهي، هڪ شخص دير سان پهتو، هاڻي حالت اها آهي ته جيڪڏهن وضو ڪندو ته جنازي نماز پڙهجي ويندي. اهڙي صورت ۾ کيس اجازت آهي ته تيمم ڪري نمازِ جنازہه ۾ شريڪ ٿي وڃي، اهو جيڪو تيمم آهي، خاص ان جنازي جي نماز جي لاءِ آهي. اهڙي تيمم سان ٻيون نمازون نه ٿيون پڙهي سگهجن، ڇو ته اهو تيمم خاص نمازِ جنازہه لاءِ هو ۽ شريعت هڪ خاص مجبوري تحت ان جي اجازت ڏني آهي. باقي رهيو وضو ...!! ته ان جو اهو حڪم نه آهي.([1]) الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۔

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

اَسمَاءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)

یَا اَوَّلُ    (اي قديم ذات ...!!)

جيڪڏهن زال ۽ مُڙس جي پاڻ ۾ محبت گهٽجي وڃي ته روزانو الله پاڪ جو پيارو نالو یَا اَوَّلُ 100 دفعا پڙهو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سندن محبت ۾ اضافو ٿيندو. ([2])

   الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

 



[1]... فتاویٰ رضویہ، جلد:3، صفحہ:305 و306  خلاصۃً ۔

[2]... مدنی پنج سورہ، صفحہ:258۔