Book Name:Faiz e Data Huzoor
موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: قرآن ٽيچر (Quran Teacher).
ڪجهه اهم خاصيتون: ٭ هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي درسِ نظامي، فيضانِ نماز ڪورس ۽ زڪوٰة ڪورس جهڙن بيشمار آن لائن ڪورسن لاءِ رجسٽريشن ڪرائي سگهجي ٿي ٭ ايجوڪيشن پورٽل (Educational Portal) ۾ اوهان جي آن لائن ڪلاس جي سرگرمين بابت اوهان کي باخبر رکيو ويندو آهي ٭ هيءَ ايپلي ڪيشن آن لائن ٿيڻ وارن ڪورسز بابت معلومات به فراهم ڪندي آهي، اوهان پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪنهن به ڪورس جو انتخاب ڪري سگهو ٿا ۽ بغير ڪنهن مشڪل جي آن لائن قرآن سکڻ لاءِ داخلا وٺي سگهو ٿا ٭ دعوتِ اسلامي جي هن پليٽ فارم تان اسلامي ڀائرن کي تقريباً 42 ۽ اسلامي ڀينرن کي تقريباً 38 مختلف اسلامي ڪورس ڪرايا ويندا آهن.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي ختم ڪندي هڪ شرعي مسئلي جي وضاحت ڪريان ٿو
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام جي ذهنن ۾ پلجندڙ غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: جنازي نماز جي لاءِ ڪيل وضوءَ سان ٻيون نمازون به پڙهي سگهجن ٿيون.
وضاحت: عوام ۾ مشهور آهي ته جنازي جي نماز لاءِ جيڪو وضو ڪيو ويو آهي، ان سان ٻيون نمازون نه ٿيون پڙهي سگهجن. اها هڪ غلط فهمي آهي. نمازِ جنازهه پڙهڻ جي لاءِ جيڪو وضو ڪيو ويو، انهيءَ وضوءَ سان ٻيون نمازون به پڙهي سگهجن ٿيون ۽ قرآن ڪريم کي به ڇهي سگهجي ٿو ان ۾ ڪو به حرج نه آهي. اهو مسئلو جنهن سبب عوام ۾ هيءَ غلط فهمي پيدا ٿي،